ذوالفقار ڀٽو ڪيس بابت صدارتي ريفرنس تي سڀاڻي راءِ ٻڌائيندي ويندي

ذوالفقار ڀٽو ڪيس بابت صدارتي ريفرنس تي سڀاڻي راءِ ٻڌائيندي ويندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار ڀٽو ڪيس بابت صدارتي ريفرنس تي سڀاڻي راءِ ٻڌائيندي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ 4 مارچ تي صدارتي ريفرنس تي راءِ محفوظ ڪئي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي خلاف ريفرنس 2011 ۾ داخل ڪيو ويو هو. سپريم ڪورٽ ۾ مجموعي طور تي 2011 کان 2024 تائين 12 ٻڌڻيون ٿيون، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني بئنچ 12 سالن کانپوءِ ڊسمبر 2023 ۾ ٻڌڻي شروع ڪئي. 7 ٻڌڻين کانپوءِ 4 مارچ تي 9 رڪني بئنچ ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو