اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار ڀٽو ڪيس بابت صدارتي ريفرنس تي سڀاڻي راءِ ٻڌائيندي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ 4 مارچ تي صدارتي ريفرنس تي راءِ محفوظ ڪئي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي خلاف ريفرنس 2011 ۾ داخل ڪيو ويو هو. سپريم ڪورٽ ۾ مجموعي طور تي 2011 کان 2024 تائين 12 ٻڌڻيون ٿيون، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني بئنچ 12 سالن کانپوءِ ڊسمبر 2023 ۾ ٻڌڻي شروع ڪئي. 7 ٻڌڻين کانپوءِ 4 مارچ تي 9 رڪني بئنچ ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي هئي.










