اسلام آباد(بيورو رپورٽ)رينجرز پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪري ورتو.قومي احتساب بيورو (نيب) عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب نيب اختيارين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو آهي، هو فوجي ادارن خلاف بيان بازي تي ضمانت واري ڪيس ۾ پيش ٿيڻ لاءِ اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتو هو.
نيب عمران خان کي القادر ٽرسٽ ۾ گرفتار ڪيو:آئي جي اسلام آباد
آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ آهي ته عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، صورتحال معمول تي آهي، اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو آهي، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.آءِ جي اسلام آباد موجب چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان کي نيب راولپنڊي منتقل ڪيو ويو آهي.
عمران خان تي ڪرپشن ۽ بدعنواني ۾ ملوث هجڻ جا الزام آهن:نيب
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان عمران خان جي گرفتاري جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.عمران خان جا وارنٽ قومي احتساب بيورو (نيب) پهرين مئي تي جاري ڪيا هئا، عمران خان جا وارنٽ نيب چيئرمين جي دستخط سان جاري ڪيا ويا هئا.نيب عمران خان کي قومي احتساب آرڊيننس 1999 جي سيڪشن 9 اي تحت گرفتار ڪيو، نيب عمران خان کي 34 اي، 18 اي، 24 اي تحت ڪارروائي ڪندي گرفتار ڪيو. نيب بيان موجب عمران خان تي ڪرپشن ۽ بدعنواني ۾ ملوث هجڻ جا الزام آهن، عمران خان کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ذريعن موجب عمران خان کي نيب راولپنڊي منتقل ڪيو ويو آهي، عمران خان جو نيب راولپنڊي آفيس ۾ طبي معائنو ڪيو پيو وڃي.










