نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)ٺاروشاھ ۾ لڳل مبينا ڌاڙو جا ڏوهاري گرفتار نه ڪرڻ خلاف متاثر دڪاندار ۽ شهرين جو نٽهڻ اس ۾ احتجاجي ڌرڻو نااهل ايس ايڇ هٽائڻ جو مطالبو ٺاروشاھ ابڙا ڪالوني ۾ 2 ڏينهن اڳ دڪاندار محمد نواز عرف منا سولنگي جي گهر ۾ مبينا ڌاڙو جا ڏوهاري گرفتار نه ٿيڻ خلاف متاثر دڪاندار محمد نواز عرف منا سولنگي غلام حسين سومرو مشتاق عباسي الياس ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاهي بازار وٽ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو پڻ هنيو جتي متاثر دڪاندار محمد نواز سولنگي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ منهنجي گهر ۾ نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي چادر چوديواري جو تقدس پئمال ڪري گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي سونا زيور 50 هزار روڪ موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري ويا جنهن جو ڪيس داخل ڪرايو آهي پر ايس ايڇ او اڪبر کوکر نه ڏوهاري نه ئي جوابدار گرفتار ڪيا آهن رهندو معامري تي چپ رهڻ لاء ڌمڪايو پيو وڃي هن ايس ايس پي نوشهروفيروز کان ايس ايڇ او هٽائي ٿيل وارڌات جا جوابدار گرفتار ڪرڻ جي اپيل ڪئي










