دهشتگردن کي روڪيو، سوات ۾ هزارين ماڻهن جو تاريخي جرڳو

دهشتگردن کي روڪيو، سوات ۾ هزارين ماڻهن جو تاريخي جرڳو

سوات(ويب ڊيسڪ)سياحتي مرڪز سوات ۾هزارين ماڻهن جو جمعي ڏينهن دهشتگردن جي علائقي ۾ اچڻ خلاف ڪٺ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي حڪومت، پوليس ۽ رياست کي خبردار ڪيو ويو ته دهشتگردن خلاف ڪرائي ڪري کين علائقي بدر ڪريو نه ته عوام پاڻ هٿيار کڻي دهشتگردن سان مقابلو ڪندو. مقررن چيو ته سوات کي امن گهرجي، سڀني کي خبر آهي ته دهشتگردن جي سرپرستي ڪير پيو ڪري. اهڙو اعلان جمعي تي منعقد ڪيل قومي جرڳي جي ڪٺ ۾ ڪيو ويو. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب جرڳي ۾پي ٽي آءِ ايم اين اي ڊاڪٽر امجد علي، سوات شهر جو ميئر شاهد علي خان ۽ بزرگ رحمت علي خان، شير بدر خان، بھادر شير افغان، أيوب اشري، شير شاهه خان، مختيار يوسفزئي، صوبائي وزير فضل حڪيم خان يوسفزئي، ايم پي اي علي شاه خان، سلطان روم خان ۽ محمد نعيم خان، ۽ ڪبل تحصيل ڪائونسل جو چيئرمين سعيد خان پڻ شامل هئا. جرڳي ۾ زندگي جي سڀني شعبن سان لاڳاپيل هزارين ماڻهو حاضر ٿيا، جيڪي مٽا چوڪ جي ڀر وارين سڙڪن تي بيٺل هئا. گهڻا شرڪت ڪندڙ تقريرون ٻڌڻ لاءِ آس پاس جي عامرتن تي به نظر آيا. جرڳي ۾ عورتن ۽ ٻارن جو به وڏو انگ شريڪ ٿيو. مقررن چيو ته هاڻي ماضي وارو سوات ناهي جتي دهشتگرد پناهه وٺي سگهن. اسانکي خبر آهي ته سوات جي پهاڙن ۾ڪير ٿو دهشتگرد آڻي ۽ سندن سرپرستي ڪري. مقررن چيو ته سوات ضلعي ۾ 7 هزار هٿياربند پوليس وارا آهن پر کين دهشتگردن خلاف ڪاروائي جي اجازت ناهي. هنن چيو ته مٽا جي عوامي اجتماع کي “دهشتگردي خلاف ريفرينڊم” سمجهو وڃي. مقررن چيو ته باجوڙ ۽ ڏاکڻن ضلعن ۾ دهشتگردي کي “مصنوعي” قرار ڏنو ۽ رياست کي ياد ڏياريو ته آئين تحت هر شهري جي حفاظت سندن ذميواري آهي. مقررن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي خبردار ڪيو ته هڪ مهيني اندر دهشتگردن خلاف آپريشن شروع نه ڪيو ته اسين احتجاجي مارچ ڪنداسين. ياد رهي ته مٽا چوڪ تي امن مارچ علائقي جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو عوامي مارچ آهي. 2022ع ۾جڏهن دهشتگرد سوات جي پهاڙي علائقن ۾ وري ظاهر ٿيا هئا تهايڏو وڏو عوامي ڪٺ نشاط چوڪ تي به ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو