دنيا جي مهانگو ترين آءِ فون، قيمت دنگ ڪري ڇڏيندي

دنيا جي مهانگو ترين آءِ فون، قيمت دنگ ڪري ڇڏيندي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)هونئن ته آءِ فون جي (سڀ کان مهانگي ورجن ) جي قيمت ڏيڍ هزار ڊالرز تائين ئي هوندي آهي پر ڇا اوهان ان لاءِ 12 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ پسند ڪندئو؟ جيڪڏهن ها ته هڪ روسي ڪمپني 2022ع جي آءِ فون 14 پرو ميڪس جو اهڙو ورجن متعارف ڪرايو آهي جنهن جي قيمت دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهي.اهو حقيقت ۾ دنيا جو مهانگو ترين آءِ فون 14 پرو ميڪس آهي جنهن جي قيمت 4 لک 65 هزار ڊالر (12 ڪروڙ 78 لک پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.CAVIAR نالي ڪمپني ماضي ۾ به مختلف اسپيشل ايڊيشن آءِ فونز پيش ڪري چڪي آهي ۽ هاڻ ان 3 اسپيشل ايڊيشن آءِ فون 14 پرو ميڪس تيار ڪيا آهن. ته ان فون ۾ اهڙو ڇا خاص آهي جو ان جي قيمت ڪنهن مهانگي ترين گاڏي کان به وڌيڪ آهي؟ ان جو جواب فون تي لڳل هيرا آهن ۽ ان اسپيشل ايڊيشن کي ڊائمنڊ سنو فليڪ جو نالو ڏنو ويو آهي. ڊائمنڊ سنو فليڪ آءِ فون جي پٺيان هڪ وڏو PENDANT لڳل آهي جيڪو پلاٽينيم ۽ اڇي سون مان تيار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ ڪيترائي هيرا لڳل آهن.ان PENDANT جي قيمت ئي 75 هزار ڊالر آهي جڏهن ته 18K وائيٽ گولڊ بيڪ پليٽ ۾ به 511 هيرا جَڙيل آهن.ان فون کي هڪ خاص باڪس ۾ رکي واهپيدار حوالي ڪيو ويندو جيڪو سونهري رنگ جو آهي.ان باڪس کي کولڻ تي هڪ ننڍي ايل اي ڊي لائٽ سان آءِ فون 14 پروميڪس چمڪندي جڏهن ته ان ۾ موجود هڪ خاني ۾ دستاويز موجود هوندا جنهن ۾ فون تي لڳل هيرا اصل هجڻ جو سرٽيفڪيٽ موجود هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو