راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان هڪ دلچسپ ۽ سنسني خيز مقابلي کان پوءِ پهرين ون ڊي ميچ ۾ سري لنڪا کي 6 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 1–0 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيليل ميچ ۾ سري لنڪا جي ٽيم پاڪستان طرفان ڏنل 300 رنسن جي حدف جي تعاقب ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 293 رنسون ٺاهي سگهي. اٺين نمبر تي بيٽنگ لاءِ ايندڙ وانندو هاسارنگا شاندار بيٽنگ ڪندي صرف 52 بالن تي 59 رنسون ٺاهيون ۽ پنهنجي ٽيم کي حدف جي ويجهو آندو، پر هو لنڪن ٽائيگرز کي فتح ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيو. ٻين بيٽرز مان سديارا سمارا وڪراما 39، ڪميل مشارا 38، ۽ پاٿم نسانڪا 29 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان حارث رؤف 61 رنسون ڏئي 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهنته فھيم اشرف ۽ نسيم شاهه جي حصي ۾ 2–2 وڪيٽون آيون. ان کان اڳ پاڪستان ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي سلمان علي آغا جي ناقابلِ شڪست سينچري، حسين طلعت جي 62 رنسن، ۽ محمد نواز جي 36 ناٽ آئوٽ رنسن جي مدد سان سري لنڪا کي هڪ سٺو ٽارگيٽ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي. پاڪستان مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 299 رنسون ٺاهيون. سلمان علي آغا صرف 87 بالن تي 105 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي، جنهن ۾ هن 9 چوڪا هنيا. جڏهن پاڪستان جا 95 رنسن تي 4 وڪيٽون ڪري پيون هيون، تڏهن سلمان علي آغا ۽ حسين طلعت جي وچ ۾ 138 رنسن جي شاندار پارٽنرشپ ٽيم کي مضبوط پوزيشن ڏانهن آندو. بعد ۾ سلمان علي آغا ۽ محمد نواز گڏجي 66 رنسن جي شراڪت ڪندي مجموعو 299 رنسن تائين پهچايو. اوپنر صائم ايوب 14 جي مجموعي اسڪور تي 6 رنسون ٺاهي فرنينڊو جي بال تي LBW ٿي ويو. فخر زمان ۽ بابر اعظم ٻئي وڪيٽ لاءِ 54 رنسن جي پارٽنرشپ ڪئي، پر فخر زمان 68 جي مجموعي اسڪور تي 32 رنسون ٺاهي هاسارنگا جي بال تي اسٽمپ ٿي ويو. محمد رضوان به صرف 5 رنسون ٺاهي 76 جي مجموعي اسڪور تي LBW ٿيو، جڏهنته بابر اعظم به ڊگهي مزاحمت نه ڏيکاري سگهيو ۽ 95 جي مجموعي اسڪور تي 29 رنسون ٺاهي هاسارنگا جي بال تي بولڊ ٿي ويو. سري لنڪا طرفان وانندو هاسارنگا 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهنتہ اسيتھا فرنينڊو ۽ مهیش ٺيڪشانا هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
سري لنڪن اليون:
پاٿم نسانڪا، ڪميل مشارا، ڪوشال مينڊس، سماراوڪراما، چرِتا اسالنڪا، ديشَن ليانگَي، ڪامندو مينڊس، وانندو هاسارنگا، دشمَنٿا چميرا، مهیش ٺيڪشانا ۽ اسيتھا فرنينڊو.
پاڪستاني اليون:
فخر زمان، صائم ايوب، بابر اعظم، محمد رضوان، سلمان علي آغا، حسين طلعت، محمد نواز، فهيم اشرف، شاهين شاهه آفريدي، حارث رؤف، ۽ نسيم شاهه.
سي ڊي اي جو مولانا کي نوٽيس، حددخليون هٽائڻ جو حڪم
ڪراچي سميت صوبي ۾ ترقياتي رٿائن تي ڪم جاري
لوڪل ڪائونسلن جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت جو جائزو وٺڻ جو فيصلو
بائنانس، دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڊجيٽل چوري، اتر ڪوريا تي شڪ
سنگاپور ۽ پاڪستان ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
آسيان ملڪن کي سيڙپڪاري جي دعوت، سهڪار جي خاطري
ڪوٽڙي، ٻن برادرين جي جهيڙي ۾ نوجوان قتل، ماءُ صدمي ۾ فوت
ميرپورخاص ۾ ڀاءُ جي مبينا فائرنگ، ڀيڻ قتل
پاڪستان صحافت ۽ صحافين لاءِ انتهائي غير محفوظ ملڪ قرار
سکر ڊويزن ۾ پکين جي غيرقانوني شڪار تي قلم 144 لاڳو
اسلام آباد پوليس جي 10 ڊي ايس پيز جي ايس پي طور ترقي
بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز 5 ڊرون ڪيرائي ڇڏيا
اپوزيشن کي چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت
ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري بجلي واهپيدارن لاءِ ڏکيا ثابت ٿيڻ جو امڪان
بجلي مهانگي ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ
28هين ۽ 29هين ترميمن تي پ پ جو موقف ڏسڻو پوندو: جتوئي
ٽريفڪ نظام لاءِ سيف سٽي منصوبي کي وڌائڻ جو فيصلو
ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن جي پڪو ڪرڻ واري درخواست رد
جعلي پوليس مقابلو ثابت، اهلڪار کي موت جي سزا
سنڌيار ڪراچي 30 آڪٽوبر 2026ع










