دلچسپ مقابلو، ڪوئٽا جي ملتان کي 2 وڪيٽن تان شڪست

دلچسپ مقابلو، ڪوئٽا جي ملتان کي 2 وڪيٽن تان شڪست

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پي ايس ايل جي 28 هين ميچ ۾ ڪوئٽا 2 وڪيٽن تان ملتان کي شڪست ڏئي ڇڏي. آخري بال تي 2 رنز گهربل هيون ۽ حسن نواز ڇڪو هڻي ميچ کٽائي ورتي. هن 38 بالن تي 67 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. هن جي اننگ ۾ 6 چڪا ۽ 2 چوڪا شامل هئا. ڪوئٽا جي اوپنرز سٺو اسٽارٽ ورتو ۽ 77 تي پهرين وڪيٽ سعود شڪيل جي ڪري جنهن 18 رنز ٺاهيون پر ٻئي پاسي خواجا نافع زبردست بيٽنگ ڪندي 4 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي ۽ 26 بالن تي 51 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد ڪوئٽا جو ڌڙا ڌڙ وڪيٽون ڪرڻ لڳيون، دنيس چنديمل 17 ۽ فهيم اشرف 16 رنز ٺاهي نمايان رهيا.شاهد عزيز 3 وڪيٽون ورتيون، حسنين، عبيد شاهه ۽ پيٽر هيٽزوگولو هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ ملتان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنسون ٺاهيون هيون. جنهن ۾ ياسر خان 45، طيب طاهر 36، شاهد عزيز 29 ، جهانزيب سلطان 25 ۽ عامر عظمت 21 رنز ٺاهيون. عثمان طارق 3، خرم شهزاد، محمد وسيم جونيئر، ابرار ۽ فهيم اشرف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ملتان ٽورنامينٽ مان اڳ م ٻاهر ٿي چڪو هو 10 ميچن مان رڳو هنن هڪ ميچ کٽي.

پهنجو تبصرو موڪليو