اسلام آباد(بيورو رپورٽ)JF-17 ٿنڊر بلاڪ-III دبئي ايئرشو 2025 ۾ وڏي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي، جتي هن جهاز جي پاڪستان کان خريداري لاءِ هڪ دوست ملڪ سان مفاهمت جي يادداشت (MoU) تي صحيحون به ڪيون ويون. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب ڪيترن ئي ملڪن جنگ ۾ آزمايل هن جهاز کي حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. هي ويڙهاڪ جهاز 2019 ۽ 2025 ۾ ڀارتي حريف سان ٻن تڪرارن دوران پنهنجي جنگي صلاحيتن کي مڃرائي چڪو آهي. ايئرشو دبئي جي المڪتوم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 17 کان 21 نومبر تائين منعقد ٿي رهيو آهي. “پاڪستان جي هوائي صنعت تي وڌندڙ بين الاقوامي اعتماد جو مظاهرو ڪندي، ڪيترن ئي ملڪن JF-17 ٿنڊر حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. هڪ نمايان ترقي اها به ٿي جو جهاز جي خريداري بابت هڪ دوست ملڪ سان MoU تي دستخط ٿيا، جيڪو پاڪستان جي وڌندڙ دفاعي ۽ صنعتي ڀائيوارين ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي.” پاڪ فضائيه (PAF) جو هڪ دستو دبئي ايئرشو 2025 ۾ شرڪت لاءِ متحده عرب امارات (UAE) پهتو آهي. هن دستي ۾ جديد JF-17 ٿنڊر بلاڪ-III ۽ مشهور سپر مشاق ٽرينر جهاز شامل آهن، جيڪي پاڪستان جي مقامي فوجي هوابازي ۾ وڌندڙ مهارت جي علامت آهي.JF-17 بلاڪ-III 4.5-جنريشن جو گهڻ مقصدو ويڙهاڪ جهاز آهي، جيڪو جديد ريڊار ۽ ڊگهي رينج وارن نظر کان پري جي رينج’ وارن ميزائلن سان ليس آهي ۽ مختلف قسمن جا جنگي مشن سرانجام ڏئي سگهي ٿو. پاڪستان ۽ ڀارت جي مئي واري تڪرار دوران، آءِ ايس پي آر ٻڌايو هو ته جهاز جي سپرسونڪ ميزائلن آدمپور ۾ S-400 ميزائل سسٽم کي تباھ ڪيو. اهو 2019 ۾ بالاڪوٽ حملي جي جواب ۾، پاڪستاني فضائي حدن جي اندر رهي، لائين آف ڪنٽرول پار حملن لاءِ به استعمال ڪيو ويو هو. آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، ايئرشو جي دوران ڪيترن ئي دوست ملڪن جي ايئر چيفس سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون. ساڻس گڏ UAE جي ڊفينس انڊرسڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل پائلٽ ابراهيم ناصر ال-علوي ۽ ايئر فورس ۽ ايئر ڊفينس ڪمانڊر ميجر جنرل راشد محمد الشامسي سان به جامع ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ جديد تربيت، اڀرندڙ ايروسپيس ٽيڪنالاجيز ۾ تعاون وڌائڻ ۽ آپريشنل هم آهنگي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ بابت ڳالهيون شامل هيون. “UAE جي فوجي قيادت PAF جي جديديت جي ڪوششن ۽ وڌندڙ مقامي صلاحيتن کي ساراهيو، ۽ گڏيل مشقن، پيشيوراڻي مٽاسٽا ۽ مستقبل جي ڀائيوارين ذريعي فوجي تعاون وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي”.










