اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تعمير هيٺ داسو هائڊرو پاور پراجيڪٽ اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو پراجيڪٽ سائيٽ تي سنڌو درياهه جو رخ موڙيو ويو واپڊا جي ترجمان مطابق پراجيڪٽ سائٽ تي سنڌو درياهه قدرتي لنگهه بدران ڊائيورزن ٽنل کان گذري رهيو آهي، درياهه جو رخ موڙهڻ جي موقعي تي جنرل مئينجر، ڪانٽريڪٽر، ڪنسلٽنٽس نمائندا، انجنيئرز ۽ ورڪرز موجود هئا. هن چيو ته سنڌو درياهه جو رخ موڙڻ تي واٽر چيئرمين سجاد غني پراجيڪٽ انتنظاميه کي مبارڪ ڏني درياهه جو رخ موڙڻ کان پوءِ عارضي ڊيم تي اڏاوتي ڪم شروع ڪيو ويو. عارضي ڊيم مڪمل ٿيڻ تي داسو پراجيڪٽ جي مين ڊيم جي اڏاوت شروع ٿي ويندي پراجيڪٽ جي تعمير هيٺ ٻي ڊائيورزن ٽنل به اپريل جي وچ تائين مڪمل ٿي ويندي هن چيو ته هاءِ فلو سيزن جي دوران سنڌو درياهه جو پاڻي ٻنهي ڊائيورزن ٽنل تان لنگهندو 4320 ميگاواٽ جو داسو هائڊرو پاور پراجيڪٽ ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو پيو وڃي ترجمان چيو ته رٿا جي پهرين مرحلي سان بجلي جي پيداوار 2026 ۾ شيڊول آهي.










