دادو (ن س) مختلف واقعن ۾ هڪ ٻارڙو ۽ پوليس اهلڪار فوت ٻارڙي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس حادثي جي ذميواري ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو. ڪي اين شاهه ۾ نامعلوم ماڻهن پورهيت جي رڪشي کي باهه ڏئي ڇڏي. دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي جي حد ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ رستو پار ڪندڙ نينگري 6 سالا آرتي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي پئي، جنهن کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو.پوليس ڪار ڊرائيور ڏتل خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف ڳوٺ سچارو جو رهواسي 45 سالا پوليس اهلڪار، لهٻر شاخ پڪٽ جو انچارج روشن علي پٽ محمد عرس برهماڻي ڊيوٽي دوران اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب انتقال ڪري ويو رڪڻ پوليس قانوني ڪاروائي لاء لاش سول اسپتال دادو آندو، لاش واپس ڳوٺ سچارو موڪليو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو فوتي محروم 4 پٽ 5 نياڻين ۽ هڪ بيوه سوڳوار ڇڏيا آهن. جڏهن ته دادو جي درگاه سعيدي موساڻي جي زيارت بعد ڳوٺ وارياسو جا رهواسي موٽر سائيڪل سوار ڪولاچي موري وٽ بيٺل گڏهه گاڏي سان ٽڪرائجڻ سبب 4 سالا غفار پٽ ماهي پنهور موقعي تي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس پيءُ عبدالڪريم ۽ ماهي پنهور سخت زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال دادو آندو ويو قانوني ڪاروائي بعد لاش ڳوٺ وارياسو پهچايو ويو. هوڏانهن خيرپور ناٿن شاهه مان اطلاع موجب گذريل رات دير سان ڳوٺ گل محمد چانڊيو ۾ نامعلوم ماڻھن گڏو چانڊيو جي گهر اندر داخل ٿي سندس رڪشا کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني جو لڳي پيو.










