خوشحال پاڪستان لاءِ سڀني کي ٻڌي ڪرڻي پوندي، ميمڻ

خوشحال پاڪستان لاءِ سڀني کي ٻڌي ڪرڻي پوندي، ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)يوم پاڪستان جي موقعي تي، سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ قوم کي دلي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هي هڪ تاريخي ڏينهن آهي جڏهن قائداعظم ۽ ٻين عظيم اڳواڻن مسلمانن لاءِ هڪ الڳ، آزاد ۽ خودمختيار وطن جو بنياد رکيو. هن چيو ته پاڪستان لکين قربانين جو نتيجو آهي جيڪي اسان جي بزرگن هڪ آزاد ۽ جمهوري رياست جي قيام لاءِ ڏنيون.
هن پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته اڄ اسان کي انهن عظيم شهيدن کي ياد رکڻ گهرجي جن وطن جي آزادي، خودمختياري ۽ سلامتي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. پاڪستان جو ڏينهن اسان کي وطن جي خدمت، قومي اتحاد ۽ قرباني جي جذبي کي تجديد ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، ۽ هي ڏينهن اسان کي منهن ڏيڻ وارن چئلينجن خلاف متحد ٿي وڙهڻ جو عزم بحال ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو.
شرجيل انعام ميمڻ زور ڏنو ته هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ، اسان سڀني کي اختلافن کان بالاتر ٿي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان سڀني تي ذميواري آهي ته قائداعظم جي اصولن ۽ ويزن جي روشني ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو