اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جون تقريرون حالتون خراب ڪري سگهن ٿيون. ڳالهه ٻولهه ڪندي راڻا ثناءُ الله، بلاول ڀٽو زرداري جي بيان کي نامناسب قرار ڏنو.راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته خواجه آصف بابت بلاول جو رويو سٺو نه هو، کيس ووٽ لاءِ نفرت جي نه پر قومي اڳواڻ بڻجي ڳالهائڻ گهرجي، مسلم ليگ (ن) ۾ ڪنهن کي لت هڻي ڪڍڻ جي روايت نه هئي ۽ نه آهي. وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار چيو ته جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل راٺوڙ ڪالعدم قرار ڏنو، وفاقي حڪومت ان فيصلي جي حمايت ڪئي، وفاقي حڪومت ان فيصلي جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري اشارن ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ان فيصلي جي مخالفت ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ بلاول ڀٽو زرداري دفاع واري وزير خواجه آصف کي وفاقي ڪابينا مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ چيو هو ته ڪشمير جي معاملي تي دفاع واري وزير جو بيان وفاقي حڪومت جي پاليسي آهي يا نه؟ وزيراعظم شهباز شريف کي ان تي وضاحت ڏيڻ گهرجي.










