ماسڪو (ويب ڊيسڪ)نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پائيدار ترقي امن ۽ استحڪام تي ڀاڙڻ آهي ۽ خطي جي خوشحالي اسان سڀني جو گڏيل مقصد آهي.ماسڪو ۾ شنگھائي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ايس سي او خطي ۾ اقتصادي خوشحالي جي بنياد رکي، ۽ ايس سي او ميمبر ملڪن جي وچ ۾ منظم رابطا تمام اهم آهن.هن چيو ته پاڪستان اقتصادي لاڳاپن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.ٻئي طرف، پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اجلاس ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو، جنهن ۾ علائقائي رابطي، انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس جي اهميت تي زور ڏنو ويو.










