اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان علاج باوجود ساڄي اک ۾ رڳو 15 سيڪڙو نظر باقي رهڻ جي شڪايت کان پوءِ سپريم ڪورٽ چار ڏينهن اندر سندس طبي معائنو ڪرائڻ ۽ کيس پنهنجن پٽن سان ڳالهرائڻ جو حڪم ڏنو آهي۔
عمران خان جي اها شڪايت ان وقت سامهون آئي جڏهن عدالتي حڪم تحت اڊيالا جيل ۾ ساڻس ملاقات ڪرڻ بعد بئريسٽر سلمان صفدر جي رپورٽ تي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي۔
عمران خان جيل ۾ پنهنجي مصروفيتن، تڪليفن ۽ سهولتن بابت بئريسٽر سلمان صفدر کي ڇا ٻڌايو ۽ هن پاڻ ڇا ڏٺو، اهو سڀ ڪجهه هن پنهنجي رپورٽ ۾ لکي عدالت ۾ پيش ڪئي آهي۔
پنهنجي رپورٽ ۾ سلمان صفدر لکيو آهي ته هو منجهند ٻه وڳي اڊيالا جيل پهتو ۽ ٻه وڳي 35 منٽن تي هڪ ڪمري ۾ سپرنٽنڊنٽ ۽ ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ جيل جي موجودگي ۾ سندس عمران خان سان ملاقات ٿي۔
ملاقات جي شروعات ۾ بئريسٽر سلمان صفدر عمران خان کي پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايو ۽ چيو ته عدالت جي حڪم تي هو انهن حالتن جو جائزو وٺندو جن ۾ عمران خان کي رکيو ويو آهي۔
پنهنجي بيماري بابت عمران خان ڇا ٻڌايو؟
عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب عمران خان ٻڌايو ته گذريل ٽن مهينن کان کيس نظر گهٽجڻ جي شڪايت آهي، “جڏهن ته آڪٽوبر 2025 تائين سندس نظر بلڪل ٺيڪ هئي.”
رپورٽ مطابق عمران خان بئريسٽر سلمان صفدر کي ٻڌايو ته هن جيل سپرنٽنڊنٽ ساجد بيگ کي شڪايت ڪئي ته کيس ڌنڌلو نظر اچي ٿو، پر جيل انتظاميا ڪا ڪارروائي نه ڪئي۔ “وقت گذرڻ سان ساڄي اک مان نظر اچڻ تقريباً بند ٿي ويو، جنهن بعد پمز مان هڪ ڊاڪٽر کي معائني لاءِ سڏايو ويو.” رپورٽ موجب علاج ۽ انجيڪشن باوجود سندس ساڄي اک رڳو 15 سيڪڙو ڪم ڪري ٿي۔
رپورٽ ۾ وڪيل لکيو ته عمران خان پنهنجي نظر گهٽجڻ ۽ بروقت طبي امداد نه ملڻ تي واضح طور پريشان هئا۔ “ملاقات دوران سندس اکين مان پاڻي وهندو رهيو ۽ هو ٽشو سان صاف ڪندا رهيا.”
جيل سپرنٽنڊنٽ سلمان صفدر کي ٻڌايو ته پمز اسپتال جا ڊاڪٽر محمد عارف عمران خان جي سنڀال ڪري رهيا آهن ۽ جيل ۾ موجود ڊاڪٽر ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا سندس بلڊ پريشر ۽ آڪسيجن ليول چيڪ ڪن ٿا۔
وڪيل موجب عمران خان چيو ته سندس عمر مطابق باقاعدي رت جا ٽيسٽ ٿيڻ گهرجن، پر ائين نٿو ٿئي۔ “هن چيو ته اڳ سندس ذاتي ڊاڪٽرن ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ڊاڪٽر عاصم يوسف کي رسائي هئي، پر جڏهن کان نظر گهٽجڻ جي شڪايت ٿي آهي، تڏهن کان ذاتي ڊاڪٽرن کي رسائي نه ڏني وئي آهي.” عمران خان چيو ته “ٽن مهينن تائين رڳو اکين جا ڦڙا ڏنا ويا، جنهن مان ڪو فائدو نه ٿيو ۽ ساڄي اک جي نظر گهڻي گهٽجي وئي.”
هن اهو به چيو ته “73 ورهين جي عمر سبب ڏندن جو معائنو به ضروري آهي، پر ٻن سالن دوران ڪنهن به ڊينٽسٽ معائنو ناهي ڪيو.”
عمران خان جيل ۾ ڏينهن ڀر ڇا ڪن ٿا؟
رپورٽ موجب عمران خان صبح 9:45 تي ناشتو ڪن ٿا، پوءِ لڳ ڀڳ ساڍي 11 وڳي تائين قرآن پڙهن ٿا۔ ان بعد موجود سامان تي ورزش ڪن ٿا، جنهن ۾ هڪ ورزش سائيڪل، نو ڪلو وزن جا ٻه ڊمبل ۽ هڪ بار شامل آهن۔
منجهند 1:15 تي غسل ڪرڻ بعد کين احاطي ۾ گهمڻ جي اجازت هوندي آهي۔ منجهند جو کاڌو ساڍي ٽي کان چار وڳي تائين کائين ٿا، ۽ شام پنجين وڳي ٻيهر چهل قدمي جي اجازت هوندي آهي۔ شام ساڍي پنجين کان ايندڙ صبح 10 وڳي تائين کين ڪوٺڙي ۾ بند رکيو وڃي ٿو۔
هو ناشتي ۾ ڪافي، دليو ۽ ڪجهه کجورون کائين ٿا۔ منجهند جي کاڌي جو هفتيوار مينيو پاڻ ٺاهين ٿا ۽ خرچ خاندان ڀري ٿو۔ هفتي ۾ ٻه ڏينهن ڪڪڙ، ٻه ڏينهن گوشت، ٻه ڏينهن دال ۽ ٻه ڏينهن هلڪو کاڌو شامل هوندو آهي۔ رات جو رڳو ميوا، کير ۽ کجورون کائين ٿا۔ پيئڻ لاءِ نيسلي جو بوتل وارو پاڻي ڏنو وڃي ٿو۔
جيل جي ڪوٺڙي ۾ ڇا موجود آهي؟
رپورٽ مطابق ڪوٺڙي ۾ ڪرسي، ميز، بسترو ۽ هينگر آهي۔ روشني ۽ هوا جو مناسب انتظام آهي، پر برتن يا چمچا وغيره ناهن۔ کيس صفائي لاءِ هڪ مددگار ڏنو ويو آهي۔ سياري ۾ هيٽر ۽ گرم پاڻي موجود هوندو آهي۔
گرمين ۾ حالتون ڏکيون ٿي وڃن ٿيون ڇو ته گرمي ۽ حبس سان گڏ مڇر ۽ مکيون گهڻيون آهن۔ ايئر ڪولر هوندي به گهڻو فائدو نٿو ٿئي۔ هن ٻڌايو ته گرمي ۾ ٻه ٽي ڀيرا فوڊ پوائزننگ به ٿي۔ احاطي ۾ 10 ڪيمرا لڳل آهن، جن مان هڪ شاور واري هنڌ تائين آهي، پر ڪوٺڙي اندر ڪيمرا ناهي۔
ملاقات ۽ مطالبا
عمران خان شڪايت ڪئي ته کيس وڪيلن سان ملاقات نٿي ڪرڻ ڏني وڃي، جنهن ڪري هو ڪيسن بابت اپڊيٽ نٿا وٺي سگهن۔ هن ٻڌايو ته ڀينرن ۽ گهرڀاتين کي به ملاقات جي اجازت ناهي۔ نئين سپرنٽنڊنٽ کان پوءِ هر اڱاري 30 منٽن لاءِ بشريٰ بي بي سان ملاقات ٿيندي آهي۔ 2025 ۾ رڳو ٻه ڀيرا برطانيا ۾ موجود پٽن قاسم ۽ سليمان سان ڳالهه ٻولهه ٿي۔ هن چيو ته کيس وڌيڪ ڪجهه نه گهرجي، صرف بقا لاءِ ضروري سهولتون گهرجن۔
سلمان صفدر ڇا ڏٺو؟
رپورٽ موجب ڪوٺڙي ۾ ٽي هاءِ وولٽيج بلب، ڇت وارو پنکو، هيٽر، ٻه ميزون، ڀت تي گهڙيال، بسترو، ڪرسي ۽ ننڍي الماري هئي۔ 32 انچ ٽي وي لڳل هئي پر ڪم نه پئي ڪري۔ بستري تي هڪ گدو، چار تڪيا ۽ ٻه ڪمبل هئا۔ هيٺان چار جوڙا جوتا رکيل هئا۔ فرش تي قالين، جاءِ نماز، تسبيح ۽ ٻه ٽوال هئا۔
ڪوٺڙي ۾ 100 ڪتاب، ٻه صوف، ٻه ڊمبل، ٽشو پيپر، ايئر فريشنر، شيونگ جيل ۽ شيونگ ڪِٽ موجود هئا۔ واش بيسن ۾ گرم ۽ ٿڌي پاڻي جو انتظام هو۔ ٽوائلٽ سان لڳ هو پر هواداري مناسب نه هئي۔
سفارشون ۽ عدالت جو حڪم
سلمان صفدر سفارش ڪئي ته عمران خان جي اک جي بيماري تي سنجيدگي سان ڌيان ڏنو وڃي ۽ ماهرن جي ٽيم سان معائنو ڪرايو وڃي۔ سندس ذاتي ڊاڪٽرن کي رسائي ڏني وڃي، گهرڀاتين ۽ وڪيلن سان ملاقات جي اجازت هجي، مڇرن کان بچاءُ جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ کاڌي لاءِ فريج فراهم ڪيو وڃي۔
ان رپورٽ جي روشني ۾ سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته 16 فيبروري کان اڳ ماهر ڊاڪٽرن جي موجودگي ۾ عمران خان جي اک جو معائنو ڪرايو وڃي ۽ سندس پٽن سان ڳالهرايو وڃي.
اسلام آباد پوليس جي 10 ڊي ايس پيز جي ايس پي طور ترقي
بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز 5 ڊرون ڪيرائي ڇڏيا
اپوزيشن کي چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت
ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري بجلي واهپيدارن لاءِ ڏکيا ثابت ٿيڻ جو امڪان
بجلي مهانگي ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ
28هين ۽ 29هين ترميمن تي پ پ جو موقف ڏسڻو پوندو: جتوئي
ٽريفڪ نظام لاءِ سيف سٽي منصوبي کي وڌائڻ جو فيصلو
ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن جي پڪو ڪرڻ واري درخواست رد
بائنانس تي سائبر حملو،ڪرپٽو ڪرنسي منتقل ٿيڻ جو انڪشاف
جعلي پوليس مقابلو ثابت، اهلڪار کي موت جي سزا
وڪيلن کي گاڏين تان مونوگرام ۽ لوگو هٽائڻ جو حڪم
ڏکئي وقت ۾ مولانا ن ليگ سان گڏ هيو: راڻا
ڪامران چورنگي ڀرسان فرنيچر مارڪيٽ ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو
سکر ۾ پوليس مقابلو، 30 لک انعام يافته ڌاڙيل مارجي ويو
حميرا چنا جي گاڏي ڪراچيءَ مان چوري، گهرو وزير پاران نوٽيس
پاڪستان ويمنز ٽيم لاءِ نئون هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو فيصلو
نيتن ياهو کي عبرتناڪ شڪست ۽ عربن جي تاريخي ڪاميابي
ڪرپشن، چيني ڪميونسٽ پارٽي مان رڪارڊ 33 ميمبر خارج
ڊيزل مھانگو،پيٽرول جي قيمت برقرار
ڪيترن ئي مهينن تائين سولر جهاز اڏامندو رهندو، اهم اڳڀرائي










