راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته عمران خان کي جيل ۾ سٺي ماني نه پئي ڏني وڃي، جنهن سبب کيس الٽي ٿي وئي.راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته منهنجا گرفتاري وارنٽ جاري هئا، ان ڪري اڄ هتي آيو آهيان، اڄ چئن شهرن ۾ تاريخ هئي، اهي سڀ جعلي ڪيس آهن.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي سٺو کاڌو نه پيو ڏنو وڃي، جنهن سبب هن الٽي ڪئي، اسان عمران خان سان گڏ بيٺا آهيون، جڏهن ته بشرا بي بي کي ميرٽ تي ضمانت ملي آهي، عمران خان کي به جلد آزاد ڪيو ويندو. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ جي عورتن کي گرفتار ڪيو ويو، چوڌري امتياز جي ڌيءَ کي ڇڪايو ويو، اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ اسپيشل ڪميٽي چيئرمين خورشيد شاهه ميمبرن کي تحفظ فراهم ڪن.عمر ايوب وڌيڪ چيو ته هڪ ترميم جي بدبودار نه هئي، هو ٻئي جي مذمت ڪن ٿا.










