خان جي ٻارن سان ڳالهائڻ ۽ ذاتي ڊاڪٽر کان چڪاس جي اجازت

خان جي ٻارن سان ڳالهائڻ ۽ ذاتي ڊاڪٽر کان چڪاس جي اجازت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسپيشل سينٽرل ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ٻارن سان فون تي ڳالهائڻ ۽ طبي معائنو ڪرائڻ جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي اسپيشل سينٽرل جج شاهه ارجمند پي ٽي آءِ جي باني پاران ٻارن کي فون ڪالز ۽ ذاتي ڊاڪٽرن پاران طبي معائنن بابت داخل درخواستن تي فيصلو ٻڌايو.عدالت ٻنهي درخواستن کي قبول ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته هن سال ۽ گذريل سال جيل اختيارين کي حڪم ڏنو ويو هو ته پي ٽي آءِ جي باني جي ٻارن سان هر هفتي واٽس ايپ تي ڳالهايو وڃي، تنهن ڪري اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ عدالتي حڪمن تي عمل درآمد ڪري.عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته جيل اختيارين کي واٽس ايپ ڪال بابت تعميل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ گهرجي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ذاتي ڊاڪٽرن کي جيل ۾ موجود ڊاڪٽرن جي موجودگي ۾ طبي معائنو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ طبي معائني بابت تعميل رپورٽ 28 اپريل تي عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو