خان جي اکين جو ٻن ماهر ڊاڪٽرن معائنو ڪيو،پمز

خان جي اکين جو ٻن ماهر ڊاڪٽرن معائنو ڪيو،پمز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): اسلام آباد جي پمز اسپتال انتظامیہ باني پي ٽي آءِ عمران خان جي طبي معائني بابت حتمي اعلاميو جاري ڪيو آهي. اعلامئي موجب باني پي ٽي آءِ کي 20 ۽ 21 آگسٽ جي درميان واري رات پمز اسپتال آندو ويو، جتي شفا انٽرنيشنل اسپتال جي 2 سينئر ماهرن سندس اکين جو تفصيلي معائنو ڪيو. پمز جي مختلف ماهر ڊاڪٽرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ طبي تحقيقاتي رپورٽن جي روشنيءَ ۾ ميڊيڪل باڊي فٽنيس رپورٽ کي حتمي شڪل ڏني. اسپتال انتظامیہ موجب سپريم ڪورٽ جي هدايتن ۽ مريض جي پرائيويسيءَ جي پيشِ نظر رپورٽ جا رازدارانه مندرجات ظاهر نه ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو