اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جو خانگي اسپتال مان علاج ڪرائڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيئن سندس طبي معائنو ڪنهن سرڪاري اسپتال مان ڪرايو ويندي.وفاقي قانون واري وزير اعظم نظير تارڙ عدالتي ٻڌڻيءَ بابت گفتگو ڪندي چيو ته باني پي ٽي آءِ کي اسپتال منتقل ڪرڻ واري حڪم جو جائزو ورتو ويو آهي. عدالتي حڪم جا ڪجهه نقطا جيل اٿارٽي ۽ اسلام آباد انتظاميا سان لاڳاپيل آهن، جن تي قانوني مشاورت ڪئي وئي آهي. قانون واري وزير موجب اٿارٽيز پاران اها تجويز ڏني وئي آهي ته نظرثانيءَ ذريعي ان حڪم ۾ مناسب ترميم (موڊيفڪيشن) جي درخواست ڪئي وڃي ته جيئن باني پي ٽي آءِ جو طبي معائنو ڪنهن سرڪاري اسپتال مان ڪرايو ويندي. عدالت جي حڪم موجب ڪنهن به سرڪاري اداري جي طبي ماهرن کي ميڊيڪل بورڊ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. وزير قانون جو وڌيڪ چوڻ هو ته بنيادي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪنهن هڪ قيديءَ کي خانگي اسپتال منتقل ڪيو وڃي ٿو ته جيلن ۾ هزارين قيدي موجود آهن. قانون موجب بورڊ اهو فيصلو ڪندو آهي ته علاج جيل اندر ٿيندو يا ٻاهر منتقل ڪرڻو پوندو. جڏهن بورڊ علاج لاءِ ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ته پوءِ سرڪاري اسپتال نيو ويندو آهي. هن چيو ته جيسين اها شهادت نه ملي ته سرڪاري اسپتال گهربل علاج ڪرڻ کان قاصر آهي، تيسين اهڙا انتظام ناهن ڪيا ويندا. ان حڪم سبب ڪيتريون ئي پيچيدگيون پيدا ٿينديون، ڇا اهو حڪم سڀني جيلن جي قيدين لاءِ هوندو يا نه؟ قانوني ٽيم مشاورت ڪري ورتي آهي ۽ ان ابهام کي دور ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو پيو وڃي.










