خان جي 7 تڪن تان ڪاميابي جي نوٽيفڪيشن جو حڪم

خان جي 7 تڪن تان ڪاميابي جي نوٽيفڪيشن جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي سمورن تڪن تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن عمران خان پاران چونڊ خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ جو نوٽيس ورتو ويو هو، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪيو. اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ دوران قومي اسمبلي جي 7 تڪن تي چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي مستعفي ٿيل 9 ميمبرن جي تڪن تي ٿيل چونڊ ۾ ملتان ۽ ڪراچي مان ٻن تڪن تي پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو