حيدرآباد ( پ ر) سنڌ آبادگار بورڊ موسمياتي تبديلين جي ڪري گذريل ڪجهه سالن ۾ فصلن تي پيل اثرن جي نشاندهي ڪندي انبن جي باغن ۾ جيتن ۽ بيمارين جي حملن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. بورڊ سنڌ حڪومت تيزور ڀريو ته هو فوري تحقيق ڪري ڄآن فراهم ڪري ۽ زرعي اپت جي ويليو ايديشن جو بندوبست ڪري.
اهڙو مطالبو حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. جيڪوصدر محمود نواز شاھ جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنھن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، سيد نديم شاهه، سيد سلمان علي شاهه، اسلم مري، مسرور سومرو، ارباب احسن، ملِڪ محمد نظاماڻي، علي مردان شاهه، مصطفيٰ نواز شاهه، مراد علي شاھ بُڪيرائي ۽ ٻين آبادگارن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ زراعت تي موسمياتي تبديلي جي اثرن سان گڏ مارڪيٽ ۾ ڀاڄين ۽ ميون جي اگهن جي معاملن تي بحث ڪيو ويو.
اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ نون قسمن جي جيتن ۽ بيمارين جي واڌ سان انبن جي باغن ۾ وڏي پيماني تي تباهي ٿيڻ جي نشاندهي ڪندي ٻڌايو ويو ته گذريل ڪجهه سالن کان موسمياتي تبديلي جي ڪري انبن ۾ ٻُور اچڻ ۽ ميوي جي تياري مهل جيتن ۽ بيمارين جو حملو وڌي رهيو آهي. هن سال به ڪجهه علائقن ۾ انبن جي باغن ۾ جيتن جو وڏو حملو ٿيو. ويجهڙ وارن سالن ۾ جيتن جو حملو تيزي سان ۽ ايترو گهڻو وڌي ويو جو ان کي وقت سر منهن ڏيڻ لاءِ آبادگارن کي تمام گهٽ وقت ملي سگهيو آهي. جڏهن ته آبادگار باغن کي جيتن کان بچائڻ لاءِ ان وقت کان مختلف طريقا اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جڏهن هاپر، ٿِرپس ۽ جيسِڊ جهڙا جيت ۽ اينٿراڪ نوز وغيره جهڙيون بيماريون اڃان عام ۽ هاڃيڪار نه ٿيون هيون. صورتحال ڪڏهن ڪڏهن ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويندي آهي. اهڙا باغ به رپورٽ ٿيا آهن جتي نقصان تمام گهڻو ٿيو آهي. اجلاس ۾ آبادگارن اهو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ته” ايل نِينو “(El-nino) ” ايل نِينو “ جي ڪري اونهاري واري گرمي پد ۾ غيرمعمولي واڌ سبب وونڻن ۽ سارين جي پوک تي خراب اثر پئجي سگهن ٿا. ان سان سارين ۾ کس ۽ پاپڙي ٿيڻ جو امڪان آهي. جنهن سان پيداوار ۾ ڪافي گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.
سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ سولو نه آهي پر ان جي باوجود زراعت سان لاڳاپيل ادارا ۽ کاتا ان لاءِ سرگرم ٿيڻ گهرجن. ان لاءِ تحقيق، ترقي ۽ توسيع وارا کاتا ۽ ادارا موسمياتي تبديلي جي نمونن جو مطالعو ڪري ڊيٽا ۽ ڄاڻ گڏ ڪن. اهو ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙا گرمي پد، گهم ۽ ٻيون موسمي حالتون ڪهڙن خاص جيتن يا بيمارين جي پکڙجڻ جو سبب ٿين ٿا ۽ انهن کان پوکن کي ڪيئن ٿو بچائي سگهجي. ان سان گڏ اهڙين خاصيتن وارا ٻج تيار ڪيا وڃن جيڪي موسمياتي تبديلي خاص طور تي گهڻي گرمي پد ۽ سوڪهڙي جي خطرن کي گهٽائي سگهن.
سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال ۾ جڏهن گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي چڪو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌڻ جو امڪان پڻ آهي جنهن سان ٻوٽن مان بخارن جي صورت ۾ پاڻيات جي خارج ٿيڻ جي شرح ۾ ڪافي واڌ ٿي سگهي ٿي. فصلن لاءِ پاڻي جي گهرج وڌي ويندي، تنهن ڪري، آبپاشي کاتي کي نظام ۾ پاڻي جي دستيابي جو فائدو وٺڻ گهرجي ۽ مناسب مقدار ۾ پاڻي ضرور ڇڏڻ گهرجي.
اجلاس ۾آبادگارن گذريل ڪجهه مهينن ۾ ڀاڄين ۽ ميون جي اگهن ۾ گهٽتائي تي به بحث ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل ڪجهه مهينن کان لاڳيتو ٽماٽن، گوبي، بند گوبي، ڀينڊي ۽ گدرن سميت مختلف ڀاڄين ۽ ميون جا اگهه پيداواري خرچن جي ڀيٽ ۾ وڏي پيماني تي گهٽجي ويا. پيداواري خرچ پڻ نه نڪرڻ سبب آبادگارن ۽ هارين کي وڏو نقصان ٿيو آهي. تنهن ڪري سنڌ آبادگار بورڊ مطالبو ڪيو ته حڪومت باغباني جي شعبي ۾ ويليو ايڊيشن جي حوصلا افزائي ڪري ۽ ترقي ڏياري ته جيئن اضافي پيداوار کي پروسيس ڪري ان کي برآمد ڪيو وڃي. مضبوط ويليو ايڊيشن کان سواءِ، برآمد ممڪن نه ٿيندي ۽ باغباني جو شعبو پنهنجي مڪمل صلاحيت مطابق ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهندو.










