پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي 9 مئي سانحي جي عدالتي جاچ جي درخواست تي غور نٿو ڪري سگهجي. رجسٽرار پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته درخواست جو موجوده فارم ڪي پي حڪومت جي رولز آف بزنس 1985 جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن سبب ان درخواست تي غور نٿو ڪري سگهجي.










