اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطه ڪميٽي حيدرآباد _ سکر موٽر وي لاءِ ساڍا 9 ارب رپين جي حڪومتي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيو گوادر بين الاقوامي ايئرپورٽ منصوبي لاءِ 83 ڪروڙ 91 لک رپين جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ 49 دوائن جي وڌ کان وڌ ريٽيل قيمت مقرر ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي، ان کانسواءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن لاءِ 12 ڪروڙ 14 لک رپين جي گرانٽ منظور ڪئي وئي.










