حيدرآباد (ن س )سي ٽي ڊي حيدرآباد عام چونڊن دوران تخريبڪاري جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو، ڄامشورو ۾ ڪارروائي ڪري دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو، 600 گرام ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.سي ٽي ڊي اختيارين موجب ڄامشورو ۾ ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي قبضي مان 600 گرام کان وڌيڪ خطرناڪ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو، ان کان علاوه ڊيٽونيٽر ۽ بال بيرنگ به هٿ ڪيا ويا.دهشتگردن وٽان رياست مخالف پمفليٽ ۽ بينر پڻ هٿ ڪيا ويا. اختيارين موجب گرفتار دهشتگرد رياست مخالف پروپيگنڊا جي منصوبي تي به ڪم ڪري رهيو هو ۽ چونڊن واري ڏينهن تخريبڪاري جو منصوبو ٺاهيو هو، جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










