حيدرآباد (ن س) حيدرآباد پوليس جا ھڪ ٻئي پٺيان ٽي مبينه مقابلا ، 4 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار ، 3 فرار، نسيم نگر، سائيٽ ۽ ٽنڊو يوسف ٿاڻن جي حدن ۾ مبينا مقابلا ٿيا.پوليس ترجمان ارسلان مهر موجب سائيٽ پوليس زيل پاڪ سوسائٽي ۾ ٻن شڪي ماڻھن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته ھنن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ھڪ جوابدار فرحان سومرو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو ، جڏھن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. گرفتار جوابدار خلاف مختلف ٿاڻن تي 8 ڪيس داخل ٿيل آھن ۽ هو پوليس کي گھربل ھو، ٽنڊو يوسف پوليس فتح باغ ويجھو موٽر سائيڪل تي ويندڙن کي روڪيو ته ھنن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي ڪارروائي دوران ارباب سولنگي ۽ نذير چنا کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ھڪ پستول ۽ ڪينٽ ٿاڻي جي حد مان چوري ٿيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي آھي، شخصي گرفتار جوابدار ارباب سولنگي خلاف حملي، چوري، منشيات فروشي جا ڪيس داخل ٿيل آھن، نسيم نگر پوليس به ھڪ ڄڻي کي مبينا مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آھي، ڏيٿا ڳوٺ وٽ پوليس ٽن شڪي ماڻھن کي روڪيو ته ھنن فائرنگ شروع ڪري ڏني.فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ھڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ وقار ڏھوٽ طور سڃاڻپ ٿي آھي،شروعاتي جاچ موجب جوابدار آئيس ڊيلر آھي، مٿس 17 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آھن، ايس ايس پي حيدرآباد شاھزيب چاچڙ جو چوڻ آھي ته ڏوھي وارداتن ۽ منشيات فروشي ۾ ملوث عنصرن سان ڪا رعايت نه ٿيندي، فرار ٿيل جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.










