ڪوٽڙي)ن سنڌيار) جهمپير لڳ ميٽنگ اسٽيشن وٽ رحمان بابا ايڪسپريس سان حادثوپيش آيو آهي، انجڻ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 بوگيون پٽڙي تي لهي ويون آهن ريلوي اختيارين موجب پنجاب کان ڪراچي ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس ميٽنگ اسٽيشن وٽ حادثي جو شڪار ٿي حادثي جي نتيجي ۾ ڪجهه مسافرن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع سامهون اچي رهيا آهن،جڏهن ته انتظاميا ان حوالي سان جاچ ڪري رهي آهي حيدرآباد ويجهو مسافر ٽرين رحمان بابا ايڪسپريس ڪري تباهه ٿي وئي. رحمان بابا ايڪسپريس جون 10 بوگيون ڊائون ٽريڪ تي پٽڙي تان لهي ويون جڏهن ته حادثي کانپوءِ ٽريڪ تي ٽرينن جي اچ وڃ بند ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ايڌي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته رحمان بابا ٽرين حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي ۽ نه ئي زخمين کي ويجهي ڪوٽڙي تعلقي اسپتال پهچايو ويو آهي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تي وڏي انگ ۾ ايمبولينس ۽ رضاڪارن کي موڪليو ويو آهي.










