حيدرآباد: ايس پي ايس سي خلاف احتجاج، پليجو  پاران يڪجهتي

حيدرآباد: ايس پي ايس سي خلاف احتجاج، پليجو پاران يڪجهتي

حيدرآباد(ن س) سنڌ اسٽوڊينٽ ايڪشن ڪميٽي پاران ايس پي ايس سي خلاف احتجاجي ڪئمپ تي اياز لطيف پليجو پهتو، متاثر اميدوارن سان يڪجهتي جو اظهار، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) جي آفيس آڏو ميرٽ جي مبينا لتاڙ خلاف جاري احتجاجي ڪئمپ تي پهچي سنڌ اسٽوڊينٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ، شاگردن ۽ متاثر اميدوارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ هر ممڪن سهڪار جو اعلان ڪيو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هاڻي هڪ نيلام گهر بڻجي وئي آهي، جتي نوڪرين جو سودو ٿئي ٿو.ھن چيو ته غريب نوجوان ڏينهن رات محنت ڪري، پنهنجي والدين جا خواب اکين ۾ سجائي امتحانن جي تياري ڪن ٿا، پر سالن جي محنت کان پوءِ مايوس ٿي واپس وڃن ٿا، جڏهن ته امير ماڻهو پئسن جي زور تي نوڪريون حاصل ڪن ٿا.ھن چيو ته سنڌ جا نوجوان هاڻي سجاڳ ٿي چڪا آهن ۽ انهن ۾ شعور پيدا ٿي ويو آهي، تنهنڪري ناانصافي وارو نظام وڌيڪ هلي نٿو سگهي.اياز لطيف پليجو وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي نون صوبن بابت بيان تي تنقيد ڪندي چيو ته اهڙا بيان سنڌ جي وحدت خلاف آهن.ھن چيو ته سنڌ هڪ هئي، هڪ آهي ۽ هميشه هڪ رهندي، اهڙا خواب ڪڏهن به پورا نه ٿيندا.قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته شاگردن ۽ متاثر اميدوارن طرفان احتجاج کي اڳتي وڌائڻ بابت جيڪي به فيصلا ڪيا ويندا، قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جا نوجوان انهن سان گڏ بيٺل هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو