حمزه حلف کڻي ورتو ،مريم،مراد شاه پاران مبارڪباد

حمزه حلف کڻي ورتو ،مريم،مراد شاه پاران مبارڪباد

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن اڳواڻ حمزا شهباز پنجاب جي 21هين وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو آهي.پنجاب جي وڏي وزير جي حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس جي لان ۾ ٿي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مهمانن پڻ شرڪت ڪئي.تقريب جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ڪئي وئي جنهن بعد نعت رسول مقبول ﷺ پيش ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز کان عهدي جو حلف ورتو.حمزه شهباز جي حلف برداري واري تقريب ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز کانسواءِ شريف خاندان جا ماڻهو به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو