حسان نيازي راهداري رمانڊ تي پنجاب پوليس حوالي

حسان نيازي راهداري رمانڊ تي پنجاب پوليس حوالي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) مقامي عدالت عمران خان جي ڀاڻيجي ۽ فوڪل پرسن حسان نيازي کي ٽرانزٽ رمانڊ تي پنجاب پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. جڊيشل مئجسٽريٽ حسان نيازي کي سندس چيمبر ۾ طلب ڪري رمانڊ تي جيل حوالي ڪيو. لاهور ۾ داخل ڪيس ۾ حسان نيازي کي حراست ۾ وٺڻ لاءِ پنجاب پوليس ڪوئيٽا پهچي وئي. ان کان اڳ حسان نيازي کي 3 ايم پي او تحت ڊسٽرڪٽ جيل ڪوئيٽا مان ٿاڻي صدر منتقل ڪيو ويو هو، جڊيشل مئجسٽريٽ حسن نيازي جي ضمانت منظور ڪئي هئي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪوئيٽا ۾ احتجاج ڪندڙ پي ٽي آءِ جي گرفتار ڪارڪنن جاچ دوران ٻڌايو ته هنن حسان نيازي جي درخواست تي احتجاج ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو