اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حج 2027ع لاءِ گهر ويٺي ڏيڍ لک عازمين آن لائن حج پورٽل تي رجسٽريشن جو سنگِ ميل عبور ڪري ورتو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حج واجبات جي آن لائن ادائيگي جو نظام به جوڙيو ويو آهي. ترجمان موجب، رجسٽريشن کان وٺي ادائيگيءَ تائين حج جو نظام مڪمل طور ڊيجيٽل هوندو، ۽ ون لنڪ (One Link) جي ذريعي گهر ويٺي حج جا واجبات جمع ڪرائڻ ممڪن ٿيندو.مذهبي معاملن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ (سمندر پار) پاڪستاني به گهر ويٺي حج رجسٽريشن ۽ ادائيگي ڪري سگهندا.










