جڙتو تبديلي جو سونامي بدنامي ۾ تبديل ٿي ويو آهي،مريم

جڙتو تبديلي جو سونامي بدنامي ۾ تبديل ٿي ويو آهي،مريم

سکر(رپورٽ جئيرام داس ) نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر  مريم نواز شريف چيو آھي ته پاڪستان ۾ آيل جڙتو تبديلي جي سونامي بدنامي ۾ تبديل ٿي چڪي آھي ۽ جلد اها گمنامي ۾ تبديل ٿي ويندي. عمران جي قابليت هٿ ٻڌي تابعداري ڪرڻ آھي کين اهڙي قابليت جي ضرورت ناهي. سکر ويجهو ڊالفن بئنڪئيٽ هال ۾ ورڪرز ڪنوينشن ۾ تقرير ڪندي مريم نواز شريف چيو ته مسلم ليگ سدائين اقتداري پارٽي رهندي هئي پر پهريون ڀيرو مسلم ليگ نواز جي ڪارڪنن ظلم جي سامهون جهڪڻ کان انڪار ڪيو آھي. هاڻي جڏھن به جمهوريت لاء جدوجهد جي ڳالھ ٿيندي نوازشريف جو نالو ايندو جنهن عوام جي حقن ۽ جمهوريت لاء 3 حڪومتون قربان ڪيون. هن چيو ته ملڪ سان پيار ڪندڙ ھر ماڻھو نواازشريف جي نظريي سان پيار ڪندو آھي. جڏھن به ملڪ جي ترقي جي ڳالھ ٿيندي نوازشريف جو نالو ايندو جنهن جي دور ۾ مزدور ۽ پورهيت مطمئن ۽ خوشحال هئا.  نوازشريف لاهور ملتان ۽ ملتان سکر موٽر وي ٺاهيو. ترقي رڳو نواز شريف جي دور ۾ ئي ٿي آھي. ترقي جي هڪ هڪ سر تي نواز شريف جو نالو لکيل آھي. نوازشريف جي وڃڻ کانپوء ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري آھي. ماڻھو نواز شريف کي ڳولهي رهيا آھن هو جلد موٽندو ۽ عوام جي وچ۾ هوندو.  نواز ليگ جي نائب صدر چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو جڙتو  تبديلي جي سونامي جو سفر شروع ٿيو هو اهو بدنامي ۾ تبديل ٿي چڪو آھي ۽ جلد گمنامي ۾ تبديل ٿيندو. ٻين کي چور چوڻ وارو پاڻ اٽي کنڊ بجلي ۽ گئس جو چور آھي. هو چوي ٿو ته حڪومت هلائڻ نه ٿي اچي هن جي تياري ناهي ته پوء ھن 22 ڪروڙ عوام سان راند ڇو کيڏي ۽ عوام جا چلها ڇو وسايا. عمران جي حڪومت هلائڻ جي ته نه پر دوستن جا کيسا ڀرڻ جي مڪمل تياري هئي. هن چيو ته تبديليبٽڻ دٻائڻ سان ناهي ايندي  ڇو ته تبديلي آر ٽي ايس ناهي  جو بٽڻ دٻائڻ سان اچي.

Photo Sindhyar

عمران جو هڪ هڪ ڪوڙ ھڪ هڪ الزام پڌرو ٿي کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي چڪو آھي. هن چيو ته عمران چوي ٿو ته مخالف ڌر فوج کي چوي ٿي ته چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري هي حڪومت چونڊيل ناهي هي جلد  پاڻ ئي ويندو ۽ نوازشريف ايندو ڇو ته عوام جي طاقت هن سان گڏ آھي کين ڪنهن کي ڪجھ چوڻ جي ضرورت ناهي عوام هنن جو گهيراء ڪري تختو اونڌو ڪندو. مريم نوازشريف چيو ته عمران جي قابليت هٿ ٻڌي تابعداري ڪرڻ آھي کين اهڙي قابليت جي ضرورت ناهي.  عمران چوي ٿو ته نوازشريف جو مقابلو ڪندو  هن کي مريم جو مقابلو ڪرڻ لاء کيس جيل ۾ وجهڻو ٿو پوي نيب وسيلي ڪال ڪوٺي موڪلڻو ٿو پوي ۽ پيء جي سامهون ڌيء کي گرفتار ڪرائي جلسن تي پابندي ۽ آواز خاموش ڪرائڻو ٿو پوي. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ نواز ليگ جا 160 ميمبر آھن جن سڀن جا استعفا وٽس پيل آھن ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڪجھ سينيئر اڳوااڻن جا استعفا رهيل آھن جيڪي جلد ملي ويندا. هن چيو ته نواز ليگ جا ميمبر ڄاڻن ٿا ته انهن کي نواز شريف کانسواء ووٽ ڪو نه ملندا. عمران جا ميمبر ڄاڻن ٿا ته هو وڃي رهيو آھي واپس نه موٽندو نوازشريف اچي رهيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو