جين ميرٽ پاڪستان ۾ پهرين عورت برطانوي هاءِ ڪمشنر مقرر

جين ميرٽ پاڪستان ۾ پهرين عورت برطانوي هاءِ ڪمشنر مقرر

لنڊن(ويب ڊيسڪ)برطانيا جين ميريئٽ کي پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جين ميريٽ جولاءِ جي وچ ڌاري پاڪستان ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀاليندي.جين ميريٽ پاڪستان ۾ پهرين عورت برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿيندي.سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ جين ميريئٽ چيو ته هو پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشنر جي مقرري تي خوش آهي، پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا رپورٽن مطابق، جين ميريوٽ ان کان اڳ سيپٽمبر 2019ع کان جون 2023ع تائين ڪينيا ۾ هاءِ ڪمشنر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو