ميرپور ماٿيلو:(ن سنڌيار) ميرپور ماٿيلو مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن جا چونڊ نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر ، صفدر علي عباسي, سردار نادر اڪمل لغاري، سردار حاجي خان مهر, مير هالار خان پتافي، مير چاڪر خان بوزدار، سيد لعل شاه، سيد اصغر شاه, زمان خان بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جو ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو لڳايو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ جي ڊي اي اميدوارن سان ناجائزي ڪئي وئي آهي انهن جا رزلٽ تبديل ڪيا پيا وڃن، اسان جو کٽيل ضلعو هارائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته هتان جي عوام پ پ پ وارن کي سڃاڻي چڪي آهي، ۽ سرڪاري مشينري جو استعمال ڪري جي ڊي اي جي کٽيل اميدوارن کي ري ڪائونٽنگ جو جواز ڄاڻائي انهن کي هارائي پ پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ ۾ مصروف آهي، جيڪا اميدوارن سان وڏي زيادتي آهي، هنن چيو ته اسان ائين هرگز ڪرڻ نه ڏيندا سون، هنن چيو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ پاڪ فوج جي نگراني بلدياتي اليڪشن ٻيهر ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪندا سون۔










