گلگت ۾ پي پي سڀني کان اڳتي، وزيراعظم پاران مبارڪون

گلگت ۾ پي پي سڀني کان اڳتي، وزيراعظم پاران مبارڪون

گلگت(ويب ڊيسڪ)گلگت-بلتستان (جي-بي) اسيمبلي چونڊن ۾غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي 24 مان 11 سيٽن تي اڳتي آهي. وزيراعظم شهباز شريف پيپلز پارٽي کي ڪاميابي تي مبارڪباد به پيش ڪري ڇڏي آهي.
پيپلز پارٽي کان پوءِ مسلم ليگ (ن) پنج سيٽن تي اڳتي آهي ۽ ٻئي نمبر تي آهي. پي ٽي آءِ 3 سيٽن تي اڳتي آهي، جڏهن ته ان جي اتحادي مجلس وحد المسلمين (ايم ڊبليو ايم) هڪ سيٽ حاصل ڪئي آهي. ٻن تڪن تي آزاد اميدوار اڳتي آهن۔
ايڪسپريس نيوز موجب سومر جي صبح سوير تائين GBA-1 گلگت-I ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار امجد حسين 80 مان 10 پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا اچڻ کان پوءِ 1,553 ووٽن سان اڳتي هو، جڏهن ته ايم ڊبليو ايم جو محمد الياس صديقي 635 ووٽن سان ٻئي نمبر تي هو۔
GBA-2 جي غير سرڪاري نتيجن موجب پي ايم ايل-ن جو حفيظ الرحمان اڳواڻي ڪري رهيو هو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو جميل احمد ٻئي نمبر تي هو۔ GBA-6 هنزه ۾ 88 مان 77 پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا اچڻ بعد سخت مقابلو ڏسڻ ۾ آيو، جتي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار نيڪ نام ڪريم 5,612 ووٽن سان اڳتي هو۔ GBA-7 اسڪردو-I ۾، جتي سڀني 31 پولنگ اسٽيشنن جي ڳڻپ مڪمل ٿي چڪي هئي، پيپلز پارٽي جي سيد توقير مهدي 4,295 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي۔ استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) جو راجا جلال 3,849 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو، جڏهن ته پي ايم ايل-ن جو حاجي اڪبر تابان 2,667 ووٽن سان ٽئين نمبر تي آيو۔
GBA-3 جي غير سرڪاري نتيجن موجب پي ٽي آءِ جي حمايت يافته هڪ آزاد اميدوار 7,877 ووٽن سان ڪامياب ٿيو۔ GBA-4 نگر-I ۾ پيپلز پارٽي جي محمد علي اختر 7,670 ووٽ حاصل ڪري فتح حاصل ڪئي، جڏهن ته آءِ پي پي جي محمد ايوب 6,491 ووٽ حاصل ڪيا۔
GBA-9 اسڪردو-III ۾ پيپلز پارٽي جو فدا محمد نشاد 6,314 ووٽن سان ڪامياب ٿيو، جڏهن ته آءِ پي پي جو وزير محمد سليم 6,106 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو۔ GBA-22 گانڇي ۾ پي ايم ايل-ن جو ابراهيم ثنائي 9,308 ووٽن سان ڪامياب ٿيو۔ GBA-23 گانڇي ۽ GBA-24 ۾ آزاد اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي۔
استور ۾ پي ايم ايل-ن جي اميدوارن رانا فرمان علي ۽ رانا محمد فاروق ترتيبوار GBA-13 استور-I ۽ GBA-14 استور-II تان ڪاميابي ماڻي۔
ساڳئي وقت ڪيترن ئي تڪن ۾ ووٽن جي ڳڻپ جاري رهي۔ GBA-10 اسڪردو ۾ پيپلز پارٽي جو راجا ناصر علي خان اڳتي هو، جڏهن ته ايم ڊبليو ايم جو مشتاق حسين ٻئي نمبر تي هو۔ GBA-15 ديامر-I ۾ آزاد اميدوار محمد دلپذير اڳواڻي ڪري رهيو هو۔
GBA-16 ديامر-II ۾ آءِ پي پي جو عتيق الله اڳتي هو۔ GBA-19 غذر-I ۾ آزاد اميدوار نواز خان، پي ايم ايل-ن جي ظفر محمد کان اڳتي هو، جڏهن ته GBA-20 غذر-II ۾ آزاد اميدوار صفدر علي شيرازي اڳواڻي ڪري رهيو هو ۽ پي ايم ايل-ن جو عبدالجھان ٻئي نمبر تي هو۔
ان کان اڳ آچر تي سڄي گلگت-بلتستان ۾ پولنگ پرامن نموني ٿي۔ ووٽنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي ۽ شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهي۔ چونڊن واري ڏينهن ڪو وڏو مسئلو پيش نه آيو ۽ علائقي جي مختلف پولنگ اسٽيشنن تي ووٽرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
سرڪاري انگن اکرن موجب گلگت-بلتستان ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 9 لک 63 هزار آهي، جن مان 5 لک 6 هزار مرد ۽ 4 لک 56 هزار عورتون آهن۔ مجموعي طور 1,391 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، جتي وڏي ٽرن آئوٽ ڏسڻ ۾ آئي ۽ عورتن به وڏي انگ ۾ ووٽ وڌا۔
12 کان وڌيڪ سياسي پارٽين ۽ آزاد اميدوارن چونڊن ۾ حصو ورتو۔ مجموعي طور 396 مرد ۽ 8 عورت اميدوار ميدان ۾ هئا، جنهن علائقي ۾ سخت چونڊ مقابلي کي ظاهر ڪيو۔ خاص طور تي پيپلز پارٽي ۽ پي ايم ايل-ن وچ ۾ مقابلي تي گهري نظر رکي وئي۔
گلگت-بلتستان اسيمبلي 33 سيٽن تي مشتمل آهي۔ انهن مان 24 سيٽون سڌي چونڊ ذريعي ڀريون وينديون آهن، جڏهن ته 6 سيٽون عورتن ۽ 3 سيٽون ٽيڪنوڪريٽن لاءِ مخصوص آهن۔ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن به پارٽي يا اتحاد کي سادي اڪثريت يعني 17 سيٽن جي ضرورت هوندي آهي۔
گلگت-بلتستان جي چيف اليڪشن ڪمشنر راجا شهباز خان مختلف پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪري پولنگ انتظامن، سيڪيورٽي قدمن ۽ مجموعي چونڊي ماحول جو جائزو ورتو۔ هن پاڪستان ٽيليويزن سان ڳالهائيندي چيو ته سڄي گلگت-بلتستان ۾ ووٽرن جي سرگرمي نمايان رهي آهي۔
هن چيو ته سيڪيورٽي انتظام اطمينان بخش هئا ۽ پولنگ منظم انداز ۾ ٿي رهي هئي۔ هن اهو به چيو ته عورتن جي مخصوص پولنگ اسٽيشنن تي وڏي شرڪت ووٽ جي اهميت بابت وڌندڙ شعور جي عڪاسي ڪري ٿي۔ هن مجموعي ووٽر ٽرن آئوٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو۔
پولنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ دوران پيپلز پارٽي جي نمائندن “فارم 45” جاري نه ٿيڻ بابت خدشا ظاهر ڪيا۔ پارٽي هن معاملي کي ڪيترن ئي علائقن ۾ تڪراري مسئلو قرار ڏنو۔
پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ قمرالزمان ڪائره چيو ته هن کي نتيجن جي عمل بابت خدشن جو اڳ ئي اندازو هو ۽ هن اهو معاملو اليڪشن ڪميشن آڏو اٿاريو هو، خاص طور تي “فارم 45” جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي۔
قمر زمان ڪائره پارٽي ڪارڪنن تي زور ڀريو ته هو پولنگ اسٽيشنن تي پرسڪون رهن ۽ ڪنهن به قسم جي افراتفري کان پاسو ڪن.
هڪ بيان ۾ جي يو آءِ-ف جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري“فارم 45” واري مسئلي تي سخت تحفظات جو اظهار ڪندي ان کي جاري ڳڻپ واري عمل ۾ اهم تڪراري نڪتو قرار ڏنو۔
ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻن چونڊن ۾ پنهنجي اميدوارن جي مضبوط ڪارڪردگي جي دعويٰ ڪئي۔ پي ٽي آءِ اڳواڻ شفيع جان چيو ته ميدان ۾ سندن پارٽي کي ٻين سياسي قوتن جي ڀيٽ ۾ واضح برتري حاصل آهي۔ هن ووٽرن کي اپيل ڪئي ته هو نتيجن جي عمل تي ويجهي نظر رکن ته جيئن سندن مينڊيٽ جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي۔

پهنجو تبصرو موڪليو