گرفتار شخص جي 24 ڪلاڪن ۾ مئجسٽريٽ آڏو  پيشي يقيني بڻايو

گرفتار شخص جي 24 ڪلاڪن ۾ مئجسٽريٽ آڏو پيشي يقيني بڻايو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن به گرفتار شخص کي 24 ڪالڪن اندڙ مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ان ڏس ۾ هو موثر حڪمت عملي وارو مڪينزم ٺاهي پيش ڪري. هن اهڙي هدايت نيشل جوڊيشل پاليسي ساز ڪميٽي جي 56هين اجلاس جي صدارت دوران ڏني.

هن هدايت ڪئي آهي ته ملڪيت جي وراثت جا سڀ پراڻا ڪيس 2029 تائين جا آهن، اهي هڪ مهيني اندر اڪلايا وڃن. اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت جاري ڪيل بيان موجب نيشل جوڊيشل پاليسي ساز ڪميٽي جي اجلاس ۾ سڀني هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسز شرڪت ڪئي. هن اجلاس ۾ وفاقي آئيني عدالت جو چيف جسٽس امين الدين خان به شريڪ ٿيو.
بيان موجب جبري گمشدگين جي ڪيسن تي مؤثر اداراجاتي ردعمل تي اتفاق ڪيو ويو آهي ۽ گرفتار ملزم کي 24 ڪلاڪن اندر مجسٽريٽ آڏو پيش نه ڪرڻ تي نئون ميڪنزم آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته ڪمرشل ڪيسن جي جلد فيصلن لاءِ ڪمرشل لٽيگيشن ڪوريڊور نافذ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايف بي آر ۾ اسڪريننگ ڪميٽي ۽ غير ضروري مقدمات جي خاتمي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ڪيسن جي فيصلن لاءِ مقرر ٽائم لائنز تي سختي سان عملدرآمد جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اعلاميي موجب ضلعي عدليا ۾ اصلاحات لاءِ سفارشون 30 ڏينهن اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جيل اصلاحات تي صوبائي حڪومتن سان مشاورت جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
عدالتي نظام ۾ مصنوعي ذهانت (اي آئي) جي استعمال لاءِ قومي گائيڊ لائنز تيار ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه سڀني ضلعي عدالتن ۾ اي-فائلنگ جي فوري شروعات جي منظوري به ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو