ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ايسٽ زون جي گلستانِ جوهر پوليس اسٽريٽ ڪرائيم خلاف ڪارروائي ڪندي هڪ مبينا جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گشت دوران پهلوان ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪري عمران ولد دلشاد کي حراست ۾ ورتو ويو، جنهن جي قبضي مان هڪ غير قانوني پسٽل ۽ گوليون (ايمونيشن) هٿ ڪيون ويون. پوليس جوابدار خلاف سنڌ اسلحه ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايس ايڇ او گلستانِ جوهر ڪامران قريشي موجب گرفتار جوابدار جي اڳوڻي ڏوهاري رڪارڊ، سندس امڪاني ساٿين ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي ٻين وارداتن ۾ ملوث هجڻ بابت جاچ جاري آهي. هن چيو ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ اهم حقيقتون سامهون اچڻ جو امڪان آهي.










