اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نرسنگ اينڊ مڊوائفري ڪائونسل جي صدر جي حيثيت سان جواد امين کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.جسٽس طارق محمود جهانگيري تفصيلي فيصلو جاري ڪيو. عدالت فرزانه ذوالفقار جي صدر جي حيثيت سان مقرري جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاهد حسين کي پاڪستان نرسنگ ڪائونسل جي نائب صدر جي حيثيت سان بحال ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.تحريري فيصلي ۾ عدالت چيو ته نگران حڪومت جي اختيارن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي، نگران حڪومت جي ڪم جي وضاحت اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ به ڪئي وئي آهي، درخواستگذارن کي وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مقرر ڪيو ويو هو.عدالت چيو ته وفاقي ڪابينا جي منظوري کانسواءِ درخواستگذارن کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ به سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ورزي آهي، درخواستگذارن کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ کان اڳ ڪو به سبب ڏيکاريو نوٽيس نه ڏنو ويو. درخواستگذارن کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ کان اڳ انهن جي خلاف ڪا به جاچ نه ڪئي وئي. تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اهڙو ڪو به دستاويز رڪارڊ تي نه آندو ويو جنهن جي بنياد تي درخواستگذارن کي انهن جي عهدن تان هٽايو ويو هجي. جواد امين خان کي هڪ هفتي اندر صدر ۽ شاهد حسين کي نائب صدر طور بحال ڪيو وڃي. ڌرين کي فيصلي تي عمل درآمد ڪرڻ گهرجي ۽ ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل کي رپورٽ جمع ڪرائڻ گهرجي.










