ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي 75 هين يوم آزادي جي موقعي تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ پاران واٽر بورڊ جي مرڪزي ايم ڊي سيڪريٽريٽ ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب جو مهمان خاص وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم هو، تقريب جي شروعات حافظ افتخار مدني قرآن پاڪ جي تلاوت ڪلام سان ڪئي، جنهن بعد حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي بارگاه اقدس ۾ محمد بابر مغل نعت رسول صلعم پيش ڪئي، تقريب جي باقائده شروعات قومي جھنڊو ڦڙڪائي ڪئي ويئي، قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ بعد ملڪ جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي، تقريب جي مهمان خاص وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم پوري قوم کي جشن آزادي جون مبارڪون ڏيندي چيو تہ آزادي الله تعالي جي عظيم نعمت آهي ان ڪري ان کي ڀرپور نموني ملهائڻ گهرجي، ڇو تہ الله پاڪ اسان جي پياري ملڪ پاڪستان کي بيشمار نعمتن سان نوازيو آهي هن چيو تہ 14 آگسٽ اسان لاءِ سڀ کان اهم ڏينهن آهي ۽ پاڪستان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين جو ثمر آهي تنهنڪري پاڪستان جي حفاظت ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي ۽ لکين شهيدن جي قربانين کانپوءِ حاصل ٿيندڙ آزادي جي حفاظت ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.

وائيس چيئرمين واٽر بورڊ عھد ڪندي چيو تہ پاڪستان جي سالميت لاءِ ڪنهن به قرباني کان نہ ڪيٻائيندو ويندو ۽ انشاءَ الله اسان ڏينهن رات پنهنجي پياري وطن جي حفاظت ۽ خدمت ۾ مصروف رهنداسين، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ پنهنجي خطاب ۾ چيو تہ واٽر بورڊ آفيسرن ۽ ملازمن جو شهر جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي جڏهن تہ واٽر بورڊ بنا ڪنهن مذهب، قوم، ذات پات ۽ نسل جي فرق سان سمورن شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون سموريون سهولتون فراهم ڪري ٿو، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ تازو برساتن ۽ محرم الحرام دوران شاندار ڪارڪردگي تي واٽر بورڊ جي سمورن آفيسرن ۽ ملازمن کي خراج تحسين پيش ڪندي اميد ظاهر ڪئي تہ واٽر بورڊ جا سمورا آفيسر ۽ ملازم ڪراچي شهر خاص طور تي ملڪ جي ترقي لاء پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهندا، جشن آزادي جي مرڪزي تقريب ۾ واٽر بورڊ جي اعليٰ عملدارن، انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن جي عهديدارن، سي بي اي سميت مزدور اڳواڻن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پاڪستان زنده آباد جا زوردار نعرا هنيا.










