جهرڪ پوليس پاران قتل ڪيس جا 2 جوابدار گرفتار

جهرڪ پوليس پاران قتل ڪيس جا 2 جوابدار گرفتار

ٺٽو (رپورٽ: جاويد لطيف ميمڻ) جهرڪ پوليس قتل ڪيس ۾ گهربل 2 جوابدار گرفتار ڪري ورتا پر مک جوابدار اڃا فرار آهن. ڪجھ ڏينھن اڳ جيلاني چيڪ پوسٽ ڀرسان ڪارو کئو عباسي فارم تي زمين جي تڪرار تان مگسي ۽ کوسا برادري ۾ جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ انور ولد نظام مگسي مارجي ويو ھو، جنھن جي قتل جو ڪيس جھرڪ ٿاڻي تي مقتول جي پيء فريادي نظام مگسي جي مدعيت ۾ کوسا برادري جي 8 کان وڌيڪ ماڻھن مٿان داخل ڪرايو، جنھن بعد جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا هئا پر ايس ايڇ او جھرڪ محمد عثمان شر جوابدارن الطاف ولد جاڙو کوسو ۽ فراز عرف مراد علي کوسو رھندڙ عباسي فارم کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏھن ته ٻين رھيل جوابدارن جي گرفتارين لاء ڇاپن جو سلسلو جاري آھي، صحافين سان ڳالھائيندي ايس ايڇ او جھرڪ محمد عثمان شر چيو ته جلد ئي رھيل سمورن جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو