اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ادارن جهانگير خان ترين خلاف ڀرپور جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. اها جاچ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي يعني ايف آءِ اي ۽ سيڪورٽي ايڪسچينج ڪميشن يعني ايس اِي سي پي شروع ڪئي آهي. جهانگير خان ترين جي خاندان جي فردن ۽ سندن ڪمپنين، بئنڪ اڪائونٽس، ٽيڪس جي ادائگي سميت مختلف معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي. جاري ڪيل نوٽيس ۾ جهانگير خان ترين جي 22 ڀاتين ۽ ڪمپنين بابت معلومات لاءِ ملتان، رحيم يار خان، گهوٽڪي، لاهور، اسلام آباد جي سينئر آفيسرن، بحريه ٽائون، ايل ڊي اي ۽ ٻين هائوسنگ ادارن کي خط لکي اها معلومات طلب ڪئي وئي آهي. 17 آگسٽ تي موڪليل خط ۾ کين هدايت ڪئي وئي آهي ته اينٽي مني لانڊرگ جي قانون جي شق 25 موجب ڄاڻايل 22 ماڻهن ۽ ڪمپنين جي نالي ملڪيت جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن. ياد رهي ته جهانگير خان ترين جو کنڊ جي اسڪينڊل ۾ سڀني کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪندڙ طور نالو سامهون اچڻ تي هو خاندان جي ڪافي ڀاتين سميت لنڊن هليو ويو هو.










