پيرس: (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ نئون تڪرار عالمي معيشت جي طاقت کي آزمائي رهيو آهي ۽ عالمي معيشت کي جنگ کان پوءِ به سنگين چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو.آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽالينا جارجيوا جاپان ۾ هڪ تقريب ۾ تقرير ڪندي چيو ته جنگ دوران تيل ۽ گئس جي اهم سهولتن کي نقصان پهتو.هن چيو ته آبنائے هرمز ذريعي شپنگ ۾ تقريبن 90 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، 60 سيڪڙو تيل ۽ 11 سيڪڙو ايل اين جي درآمد آبنائے هرمز مان ايندي آهي.ڪرسٽالينا جارجيوا وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن جنگ ڊگهي ٿي وئي ته پاليسي سازن لاءِ نوان چئلينج پيدا ٿيندا، تيل جون قيمتون اڳ ئي 50 سيڪڙو وڌي چڪيون آهن.










