جنرلن ۽ ڪامورن سڄو ملڪي نظام سنڀالي ورتو آهي، چيف جسٽس

جنرلن ۽ ڪامورن سڄو ملڪي نظام سنڀالي ورتو آهي، چيف جسٽس

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ رانا سعيد کي وائلڊ لائيف بورڊ جي چيئرپرسن جي عهدي تان هٽائڻ کان روڪيندي وائلڊ لائيف بورڊ کي گهرو وزارت جي ماتحت ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. مارگلا نيشنل پارڪ ۾ ڪمرشل سرگرمين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته جنرلن ۽ بيوروڪريٽس ملڪ جو سڄو نظام سنڀالي ورتو آهي، افسوس اٽارني جنرل ڪارروائي کان بي خبر آهي. سپريم ڪورٽ ڪابينا سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ سميت خانگي مونال ريسٽورنٽ جي مالڪ لقمان علي افضل کي طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس هدايت ڪئي ته معاملو وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آندو وڃي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته وائلڊ لائيف بورڊ جي چيئرپرسن کي عهدي تان هٽايو ويو آهي، عدالتي حڪم بعد وائلڊ لائيف کاتي کي گهرو وزارت جي ماتحت ڪيو ويو آهي. جنهن تي چيف جسٽس عيسيٰ حڪومت جي اهڙي قدم تي سوال اٿاريو ۽ چيو ته گهرو وزارت جو ڪردار امن امان برقرار رکڻ آهي، حڪومتي عملن مان لڳي ٿو ته قومي اثاثن جي حفاظت لاءِ عدالت جي فيصلي کي رد ڪرڻ جي ڪوشش طور اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪابينا جي سيڪريٽري جو خانگي هوٽل جي مالڪ سان ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇا ڪيبينيٽ سيڪريٽري هوٽل مالڪ جو ڀاءُ ناهي؟. ٿوري وقفي کانپوءِ اٽارني جنرل عثمان اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ کائنس پڇاڻو ڪيو ته هن خاطري ڪرائي ته حڪومتي فيصلا واپس ورتا ويندا. عدالت کيس چيو ته مارگلا هلز نيشنل پارڪ ۾ پائن سٽي هائوسنگ پروجيڪٽ به هلي ٿو ان جا تفصيل عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن. اٽارني جنرل اعواڻ عدالت کي يقين ڏياريو ته راڻا سعيد کي هٽائڻ ۽ پارڪ جي منتقلي جو معاملو وزيراعظم جي ڄاڻ ۾ آندو ويندو، جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو