جناح هائوس حملي جي مذمت، پاڪستان جي بدنامي ٿي: عمران خان

جناح هائوس حملي جي مذمت، پاڪستان جي بدنامي ٿي: عمران خان

لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جناح هائوس تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان سان پاڪستان جي بي عزتي ٿي، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي ها.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته ڇا هو جناح هائوس تي حملي جي مذمت ڪري ٿو؟ ان تي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مان جناح هائوس حملي جي مذمت ڪريان ٿو، اهو اڳ به ٿيو ۽ هر پاڪستاني ان جي مذمت ڪري رهيو آهي، ان سان پاڪستان جي بدنامي ٿي، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي ها.هن چيو ته هن پنهنجي گهر کي ميڊيا آڏو کوليو، دهشتگردن جي رهڻ جي ڳالهه ۾ ڪا به صداقت ناهي، پي ٽي ايم جي ڪاررواين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ملڪ کي بدنام ڪيو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته خوف واري ماحول ۾ ملڪ نٿو هلي سگهي، پي ٽي ايم 7 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪري پاڻ کي ڦاسايو آهي، ان بنياد تي هن چيو ته هڪ هفتي ۾ معاملو ٺيڪ ٿي ويندو.عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جنهن پارٽي جو ووٽ بئنڪ آهي ان کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي، جنهن پارٽي ۾ ايترو ووٽ بئنڪ آهي ان ۾ ڪنهن جي اچڻ ۽ وڃڻ سان ڪو فرق ناهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هڪ طرفي ڳالهيون نٿا ٿي سگهن، اسان 11 مهينن کان ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو