جماعت اسلامي پاران ڇنڇر تي يوم نجات ملهائڻ جو اعلان

جماعت اسلامي پاران ڇنڇر تي يوم نجات ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پ پ حڪومت جي خاتمي تي ڇنڇر 12 آگسٽ تي سموري سنڌ ۾ يوم نجات ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، صوبائي ترجمان مجاهد چنا جي پڌرائي موجب ان سلسلي ۾ ڪراچي کان ڪشمور سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا،سمينار ۽ ميڙاڪا منعقد ڪيا ويندا جنهن کي مرڪزي صوبائي ۽ مقامي اڳواڻن کان سواءِ عالم سڳورا،دانشور خطاب ڪندا. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل 15 سالن کان لاڳيتو پ پ سنڌ ۾ حڪمران جماعت رهي آهي پر سنڌ جي ترقي ته چڏيوپر عوام کي صحت تعليم صاف پاڻي توڙي زندگي جون بنيادي سهولتون به ڏيڻ ناڪام ثابت ٿي آهي. پ پ جي سنڌ سرڪار خدمت توڙي ڪارڪردگي ۾ نه پر ڪرپشن توڙي خراب حڪومتي ڪارڪردگي ۾ سڀ کان اڳڀرو رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو