ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر زين شاهه جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ جلال پور ڪينال ٺاهڻ خلاف احتجاجي جلوس ڪڍيا ويا.
ڪراچي ۾ ٽن تلوارن وٽ قومي ڪارڪنن گڏ ٿيا، جن جلالپور ڪينال خلاف ڀرپور نعريبازي ڪئي. ڪارڪنن جي هٿن ۾ وڏو بينر هو جنهن تي سنڌو تي ڌاڙو نا منظور جا نعرو به لکيل هو.
اڳواڻن چيو ته پنجاب حڪومت سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهي آهي ۽ غير قانوني طور ڪينال ٺاهي رهي آهي.
نمائندن موجب، سکر، خيرپور، نوشهروفيروز، دادو، نوابشاهه، شهداد ڪوٽ، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، گلاب لغاري، قاضي احمد، سڪرنڊ، سن، ڄامشورو، حيدرآباد، ڌاٻيجي، ٺٽو، سجاول، بدين، عمرڪوٽ، سميت اڪثر شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون.
لاڙڪاڻي ۾ پوليس جلوس آڏو رڪاوٽ بڻي ۽ ايس يو پي موجب سندن درجنين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب حڪومت هي ڪينال آزمائشي طور وهايو هو. جلالپور ڪينال ذريعي جهلم ۽ خوشاب جي برسات تي ڀاڙيندڙ علائقن جي هڪ لک 70 کان 74 هزار ايڪڙ کان مٿي بنجر زمين کي زرعي پاڻي فراهم ڪرڻ آهي. هن واهه ذريعي 1350 ڪيوسڪس پاڻي کڻڻ جي گنجائش آهي.
مک ڪينال جي ڊيگهه لڳ ڀڳ 116 ڪلوميٽر آهي، جنهن مان وري ننڍا واهه به ڪڍي سگهجن ٿا. هن ڪينال کي رسول بئراج تان درياءِ جهلم مان پاڻي ڏنو پيو وڃي.
سنڌ جا اعتراض
سنڌ حڪومت ۽ پاڻي جي ماهرن جلالپور ڪينال سميت پنجاب جي ڪجهه نون ڪينال منصوبن تي اعتراض ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهي منصوبا دريائن مان وڌيڪ پاڻي کڻندا ته هيٺئين وهڪري، خاص طور تي سنڌ کي ملندڙ پاڻي نه ملندو يا گهٽ ملندو. ٻن سالن کان سنڌ جي وڏي وزير گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي لکيل مخالفت واري خط کي ايجنڊا ۾ شامل ئي نٿو ڪيو وڃي.
جلالپور ڪينال ’نيشنل واٽر ڊولپمينٽ پروگرام‘ جي اهم منصوبن مان هڪ آهي، جنهن تي اربين رپين جي لاڳت آئي آهي ۽ رقم وفاقي حڪومت ڏني آهي.
اسلام آباد پوليس جي 10 ڊي ايس پيز جي ايس پي طور ترقي
بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز 5 ڊرون ڪيرائي ڇڏيا
اپوزيشن کي چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت
ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري بجلي واهپيدارن لاءِ ڏکيا ثابت ٿيڻ جو امڪان
بجلي مهانگي ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ
28هين ۽ 29هين ترميمن تي پ پ جو موقف ڏسڻو پوندو: جتوئي
ٽريفڪ نظام لاءِ سيف سٽي منصوبي کي وڌائڻ جو فيصلو
ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن جي پڪو ڪرڻ واري درخواست رد
بائنانس تي سائبر حملو،ڪرپٽو ڪرنسي منتقل ٿيڻ جو انڪشاف
جعلي پوليس مقابلو ثابت، اهلڪار کي موت جي سزا
وڪيلن کي گاڏين تان مونوگرام ۽ لوگو هٽائڻ جو حڪم
ڏکئي وقت ۾ مولانا ن ليگ سان گڏ هيو: راڻا
ڪامران چورنگي ڀرسان فرنيچر مارڪيٽ ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو
سکر ۾ پوليس مقابلو، 30 لک انعام يافته ڌاڙيل مارجي ويو
حميرا چنا جي گاڏي ڪراچيءَ مان چوري، گهرو وزير پاران نوٽيس
پاڪستان ويمنز ٽيم لاءِ نئون هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو فيصلو
نيتن ياهو کي عبرتناڪ شڪست ۽ عربن جي تاريخي ڪاميابي
ڪرپشن، چيني ڪميونسٽ پارٽي مان رڪارڊ 33 ميمبر خارج
ڊيزل مھانگو،پيٽرول جي قيمت برقرار
ڪيترن ئي مهينن تائين سولر جهاز اڏامندو رهندو، اهم اڳڀرائي










