جعلي ڪاغذ،قطر ويندڙ ايراني شهري گرفتار

جعلي ڪاغذ،قطر ويندڙ ايراني شهري گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي اميگريشن سيل ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي جعلي پاڪستاني سفري دستاويزن تي روزگار لاءِ قطر وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ ايراني شهري کي گرفتار ڪري ورتو.جاسم نالي جوابدار جي موبائل فون جي معائني دوران ڊيٽا ۾ ايراني شهريت جا دستاويز به مليا.جوابدار پنهنجي پاڪستاني سفري دستاويزن ۾ ڏنل رهائشي ايڊريس ۽ خانداني تفصيلن بابت جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو.جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار پاڪستاني سفري دستاويز مبينا طور تي انساني اسمگلر جي مدد سان حاصل ڪيا هئا.گرفتار جوابدار کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي جي اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو