ڪوڙومقابلو، پوليس اهلڪارن کي عمر قيد ۽ موت جي سزا

ڪوڙومقابلو، پوليس اهلڪارن کي عمر قيد ۽ موت جي سزا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جعلي پوليس مقابلي ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي موت ۽ ٻئي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ 2016ع ۾ ٻئي سال جي شاگرد عتيق الله جي جعلي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪورٽ ايسٽ ۾ ٿي. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پوليس اهلڪار بنل کي موت جي سزا ٻڌائي ۽ پوليس ڪانسٽيبل ظفر کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي. عدالت ٻنهي جوابدارن کي مقتول جي وارثن کي 10 لک رپيا ڏيڻ جو پڻ حڪم ڏنو.واضح رهي ته عتيق الله کي 7 آڪٽوبر 2016 تي گلشن اقبال ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو