جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپيگنڊا بابت تربيت جو انعقاد

جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپيگنڊا بابت تربيت جو انعقاد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي پاڪستان انفارميشن سينٽر (پي آءِ سي) پروجيڪٽ تحت جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپيگنڊا جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ اوزارن بابت ٻه ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ 9 ۽ 10 مئي تي ڪراچي جي هڪ خانگي هوٽل ۾ شروع ٿي ويو. تربيتي ورڪشاپ ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن، مختلف ٽي وي چينلن سان لاڳاپيل صحافين ۽ اخبارن ۽ ميڊيا اسٽڊيز جي شاگردن شرڪت ڪئي، ان کان علاوه صوبي جي ٻين شهرن مان صحافين ۽ شاگردن پڻ آن لائين ورڪشاپ ۾ حصو ورتو.ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ ۾ جبران اشرف ٽرينر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.ٽريننگ دوران هن صحافين ۽ شاگردن کي نه صرف جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپيگنڊا کي سڃاڻڻ جي تربيت ڏني پر صحافتي قدرن ۽ اخلاقيات بابت پڻ آگاهي ڏني. هن شرڪت ڪندڙن کي جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپيگنڊا کي سڃاڻڻ جا جديد اوزار سيکاريا.ڪراچي پريس ڪلب (ڪي پي سي) جي سيڪريٽري جنرل شعيب احمد ۽ ٻين اهم شخصيتن مهمانن جي حيثيت ۾ ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي جعلي خبرن ۽ رياست خلاف پروپيگنڊا جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ اوزار استعمال ڪرڻ بابت آگاهي ڏني.ورڪشاپ جي ٻئي ڏينهن پي آءِ ڊي جي ڊي جي پي آر ميڊم ارم تنوير ٽرينر، گيسٽ اسپيڪر ۽ تربيت يافته صحافين ۽ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا.ياد رهي ته پاڪستان انفارميشن سينٽر هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ 11 هزار صحافين، شاگردن ۽ سوشل ميڊيا تي اثر انداز ڪندڙ صحافين کي تربيت فراهم ڪري چڪو آهي ۽ پاڪستان انفارميشن سينٽر چئني صوبن گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ اسلام آباد ۾ صحافين کي تربيت فراهم ڪري رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو