اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي احتساب عدالت جي جج محمد بشير آڏو پيش ڪيو ويو، عدالت چيو ته ايندڙ حاضري تي اوهان تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي. ان دوران آصف علي زرادري جي وڪيل لطيف کوسو عدالت کي ٻڌايو ته اوهان جي حڪم جي باوجود ايئر ڪنديشنڊ ناهي مليو، عدالت فرج فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته جيل انتظاميا برف جا دٻا موڪليا. جج سندس ڳالهه ٻڌڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جنهن بعد صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته جيل ۾ سڪون سان ويٺا آهيون ضمانت جي ضرورت ناهي، حڪمران ڀلي گرفتاريون ڪر شوق پورا ڪرين. مولانا جي ڌرڻي ۾ شرڪت بابت سوال تي هن چيو ته مان جيل ۾ آهيان پارٽي جا دوست ان بابت فيصلو ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت مراد علي شاهه سميت جنهن کي به گرفتار ڪرڻ گهري ٿي، گرفتار ڪري، حڪومت سڀني کي گرفتار ڪري پنهنجو شوق پورو ڪري. اسان کي پروڊڪشن آرڊرز جي ضرورت نه آهي. پنڊي جي اڄڪلهه موسم ڪيئن آهي؟ واري سوال تي هُن مسڪرائيندي چيو ته اڄڪلهه برسات ٿي رهي آهي، پنڊي ۾ به موسم تبديل ٿي رهي آهي. خورشيد شاهه جي گرفتاري جي مذمت ڪندي هن چيو ته اها سندن منفي سوچ جي عڪاسي آهي.










