جسڪاڻي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج

جسڪاڻي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان )سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون .*** ڪلوئي مان غلام مصطفي نهڙيو موجب ايس ٽي پي اڳواڻن پاران مين چوڪ کان پريس ڪلب ڪلوئي تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ڪامريڊ مولابخش بجير گل حسن لنڊ نصرالله لنڊ ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته الطاف جسڪاڻي جو قتل هڪ سازش آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اوتري گهٽ آهي پوليس به جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي ۽ الطاف جسڪاڻي سنڌ ۾ ٻٽو نظام هجي يا وري سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضو ڪرڻ جي ڪوشش هجي يا وري ڪنهن به وقت سنڌ جو ڪوبه مسئلو هجي سڀ کان اڳ الطاف جسڪاڻي اڳيان هوندو آهي انهي جي قتل جي اسان هڪ سازش سمجهون ٿا.

ايس ٽي پي پاران ڪلوئي ۾ مظاهرو

هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ ان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. *** ٺٽو مان جاويد لطيف ميمڻ  موجب ايس ٽي پي ٺٽي جي ضلعي صدر جلال شاھ  ـ ناٿو بروهي ـ راجُو قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر کان مين رڪشا اسٽاپ تائين احتجاج  مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار ڪريو  شهيد جي خُون سان انصاف ڪريو“ ڪارڪنن جا زوردار نعرا. احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي ۾ سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن جي به شرڪت. اڳواڻ جسڪاڻي کي هڪ سازش تحت شهيد ڪو ويو پر اڃا تائين قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ايس ٽي پي ضلعي صدر جلال شاھ. شهيد الطاف جسڪاڻي جو خُون لوڙهڻ نه ڏينداسين، حڪومت ۽ پوليس انتظاميه فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪري اصل سازش کي وائکو ڪن، ٻئي صورت ۾ حالتن جو ذميوار انتظاميه هوندي: ايس ٽي پي اڳواڻن جو مظاهري کي خطاب.

ايس ٽي پي پاران ٺٽي ۾ مظاهرو

***مانجهند مان مهران عمراڻي موجب ۾ ايس ٽي پي  تعلقه مانجهند جي سڏ شاهي بازار کان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي ۾ ايس يو پي جسقم . ن ليگ سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ گوتم چنا علي شير ڇڇر ايس يو پي ضلع صدر درياء خان لغاري جسقم جي گلشير کوسو ن ليگ جي لياقت علي ملاح خطاب ڪندي چيو ت شھيد الطاف جسڪاڻي کي سنڌ جو ڪيس وڙھڻ ۽ مظلومن جو ساٿي هئڻ سبب ٽارگيٽ ڪري شھيد ڪيو ويو جنهن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ سبب سنڌ ۾ وڏي بي چيني واري صورتحال آھي  پر پوليس ڪابه اڳڀرائي نه پئي .ڪري جنهن سبب قاتل گهمي رهيا آھن جنهن خلاف  سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج جاري رهندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو